Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

ڪرڻ يا ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي؟‘‘ تنهنڪري اسان کي به پنهنجي هي عادت بنائڻ گھرجي ته روزانه ڪنزُالايمان شريف ساڻ تفسير خزائن العرفان يا صِراطُ الجِنان مان ترجمي ۽ تفسير سميت ڀرپور غور و فڪر سان قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪندا ڪريون، اهڙي طرح مدني اِنعام تي عمل ڪرڻ سان گڏوگڏ تلاوت جون بي شمار ڀلايون ۽ برڪتون به نصيب ٿينديون ۽ عمل جو جذبو به پيدا ٿيندو۔ اِنْ شَآءَاللهعَزَّوَجَلَّ

کنز الایماں اے خدا میں کاش روزانہ پڑھوں

پڑھ کے تفسیر اس کی پھر اس پر عمل کرتا رہوں

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يقيناً اهي ماڻهو وڏا خُوش نصيب آهن جيڪي قرآنِ ڪريم سان مَحَبَّت ڪندا آهن ۽ ان جي تِلاوت ڪرڻ سان گڏوگڏ ان تي عمل به ڪندا آهن، پرافسوس صَد ڪروڙ اَفسوس اسان جي مُعاشري ۾ هڪ وڏو تعداد اهڙن ماڻهن جو به آهي جيڪو قرآنِ پاڪ کان تمام پَري آهي ۽ مهينا گُذري وڃڻ جي باوجود به ان جي تلاوت جي توفيق نصيب ناهي ٿيندي، اها ئي وجهه آهي جو اڄ اسان طرح طرح جي پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ناچاقين، نااِتفاقين ۽ بي روزگارين بُري طرح اسان کي پنهنجي لپيٽ وٺي ڇڏيو آهي، اسان مان تقريباً سڀني جي گھرن ۾ قرآنِ ڪريم مَوجود ہوندو ۽ اها سعادت جي ڳالھ به آهي، پر اسين ڄڻ رکي وساري ڇڏيو آهي ۽ ڪڏهن کولي ڪري ڏسندا به نه آهيون، جڏهن ته گھرن ۾ تلاوتِ قرآن ڪريم ڪرڻ جي وڏي فضيلت آهي۔ جيئن ته حضرتِ سيدُنا ابُوہُرَيرہ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: ’’جنهن گھر ۾ قرآن پڙهيو ويندو آهي اهو پنهنجي رهڻ وارن تي ڪُشادہ ٿي ويندو آهي، ان جون ڀلايون گھڻيون هونديون آهن، ان ۾ فِرشتا حاضر ٿيندا ۽ شياطين ان مان نڪري ويندا آهن