Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

اِنَّ الَّذِیۡنَ یَتۡلُوۡنَ  کِتٰبَ اللہِ  وَ اَقَامُوا الصَّلٰوۃَ  وَ اَنۡفَقُوۡا مِمَّا رَزَقۡنٰہُمۡ سِرًّا وَّ عَلَانِیَۃً  یَّرۡجُوۡنَ  تِجَارَۃً  لَّنۡ تَبُوۡرَ ﴿ۙ۲۹﴾

ترجمو ڪنزالايمان: بيشڪ جيڪي الله جو ڪتاب پڙهن ٿا ۽ نماز قائم رکن ٿا ۽ اسان جي ڏني مان ڪجهه اسان جي راهه ۾ خرچ ڪندا آهن لڪل ۽ ظاهر اهي اهڙي واپار جا اميدوار آهن جنهن ۾ ٽوٽو (نقصان) هرگز نه آهي.

تفسيرِ بَغَوي ۾ ان آيتِ مُبارَڪه جي تحت ذڪر ڪيل آهي ته ’’تِجَارَۃ‘‘ مان مُراد اهو ثواب آهي جنهن جو الله عَزَّوَجَلَّ واعدو فرمايو آهي، ان ۾ هرگز نقصان ناهي، يعني هي اجر نه فاسد ٿيندو نه ہلاڪ ٿيندو۔ (تفسير بغوي ج۳ ص ۴۹۲) ڄڻ ته الله عَزَّوَجَلَّ  قارئينِ قرآنِ ڪريم (يعني قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪرڻ وارن کي) اَجرِ عظيم جي بشارت عطا فرمائي رهيو آهي۔ هڪ ٻي مقام تي تلاوت ڪرڻ وارن جي تعريف ۾ ايئن ارشاد ٿئي ٿو:

اَلَّذِیۡنَ اٰتَیۡنٰہُمُ الۡکِتٰبَ یَتۡلُوۡنَہٗ حَقَّ  تِلَاوَتِہٖ ؕ اُولٰٓئِکَ یُؤۡمِنُوۡنَ بِہٖ ؕوَ مَنۡ یَّکۡفُرۡ بِہٖ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ  الۡخٰسِرُوۡنَ ﴿۱۲۱﴾٪  (پ1، البقرة، آيت 121)

ترجمو ڪنزالايمان: جن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي،اُهي جيئن پڙهڻ جو حق آهي (تيئن) ان جي تلاوت ڪن ٿا، اهي ان تي ايمان رکن ٿا، ۽ جيڪي ان جا منڪر ٿينداته اهي ئي نقصان (کڻڻ) وارا آهن.

حضرت سيدُنا قتادہ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان مروي آهي ته ان آيت ۾ اُولٰٓئِکَ یُؤۡمِنُوۡنَ بِہٖؕ يعني اهي ئي ان تي ايمان رکندا آهن مان مُراد نبي ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا اهي اَصحاب آهن، جن اللہ عَزَّوَجَلَّ  جي آيتن تي ايمان آندو ۽ انهن جي تصديق ڪئي۔ (تفسير در منثور ج۱ص ۲۷۳) معلوم ٿيو ته قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪرڻ، ايمان وارن جو حصو ۽ انهن جي ئي خصوصيت آهي۔ ان آيت جي تحت