Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

(1)          اَہلِ قرآن (يعني ان جي تلاوت ڪرڻ وارا ۽ ان جي احڪامات تي عمل ڪرڻ وارا) (اتحاف السادۃ المتقين ج۵ ص۱۳) اللہ وارا ۽ ان جا خاص ماڻهو آهن۔ (سنن ابن ماجہ ج۱ ص۱۴۰ح:۲۱۵)

اللہ!مجھے حافظِ قرآن بنا دے

قرآن کے اَحکام پہ بھی مجھ کو چلا دے

(وسائلِ بخشش ص ۱۱۳)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ملاحظه فرمايو ته قرآنِ مجيد، فرقانِ حميد جي تلاوت جون ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون آهن، اللہ عَزَّوَجَلَّ خُود اهڙن جي مَدح سَرائي (يعني تعريف) فرمائي رهيو آهي، گڏوگڏ احاديثِ ڪريمه ۾ به انهن جا بي شمار فضائل آيا آهن جو قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪرڻ وارن کي ”اللہ عَزَّوَجَلَّ جا خاص ٻانها“ فرمايو ويو، گڏوگڏ جنهن شخص رِضاءِ الٰهي جي لاءِ قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪئي هوندي، بروزِ قيامت نه ان کي ڪنهن قسم جي گھٻراهٽ ٿيندي ۽ نه ان کان حساب ورتو ويندو۔ ٿورو غور فرمايو ته ايترن اِنعامات ۽ اِڪرامات جي باوُجُود ان ڪلامِ مجيد جي تلاوت نه ڪرڻ ڪيتري وڏي محرومي جي ڳالھ آهي۔ جڏهن ته اسان جي اَسلافِ ڪرام رَحِمَهُمُ اللـهُ السَّلَام کي تلاوتِ قرآنِ ڪريم سان اهڙي بي انتها چاهت هئي جو اهي هڪ هڪ آيتِ مُبارَڪه ۾ خُوب غور ۽ فڪر ڪندا ۽ اِنتہائي ذوق ۽ شوق سان تلاوت ڪندا هئا۔ جيئن ته هڪ بُزرگ فرمائن ٿا ته آئون هڪ سُورت شُروع ڪندو آهيان ۽ ان ۾ اهڙي ڳالھ جو مُشاہدو ڪندو آهيان جوصُبح تائين بيهي رهندو آهيان ۽ اها سُورت مڪمل ناهي ٿيندي (احياء العلوم ص۸۵۲) هڪ ٻئي بُزرگ جي باري