Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

یہی ہے آرزُو تعلیمِ قرآں عام ہو جائے

تلاوت کرنا صُبح و شام میرا کام ہو جائے

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! تعليمِ قرآن کي عام ڪرڻ جي صرف خواہش ئي ڪافي ناهي بلڪه عملي طور تي قرآنِ ڪريم جي تعليمات کي عام ڪرڻ جي ڪوشش به ڪرڻي آهي، دعوتِ اسلامي، قرآنِ ڪريم جي تعليمات عام ڪري رهي آهي، اَلْحَمْدُلِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ اميرِ اہلسنّت جي تربيت جي برڪت سان دعوتِ اسلامي، قرآنِ پاڪ حفظ و ناظرہ جون تعليمات ملڪ ملڪ، شہر شہر، ڳوٺ ڳوٺ، ہر ہر گلي پاڙي ۾ پہچائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي، توهان به ان ڪوششن ۾ دعوتِ اسلامي وارن جي مدد ڪريو، ڪهڙي نموني مدد ڪندؤ؟ ٻڌو، پنهنجي پاڪ ڪمائي مان دعوتِ اسلامي جا مدرسا تعمير ڪرائي ڇڏيو، ته جيئن دعوتِ اسلامي وارا توهان جي مدني منن ۽ مدني منين کي قرآن پڙھائن، تعليمِ قرآن عام ڪرڻ جي لاءِ توهان پنهنجي پگهار مان يا آمدني مان ڪجھ حصو مقرر فرمائي ڇڏيو، چاهيو ته ڪنهن مدرسة المدينہ جا خرچ يا ڪنهن مدرّس جي پگھار پنهنجي ذمي کڻي وٺو، ڪنهن ٻئي کي به ان نيڪي جي ڪم ۾شامل ڪري سگھو ٿا، اللہ عَزَّوَجَلَّ چاهيو ته توهان کي قرآن جي تعليم عام ڪرڻ جو عظيم اجر نصيب ٿيندو۔ جيڪڏهن توهان قرآنِ پاڪ نه پڙهيو آهي ته توهان خود به دعوتِ اسلامي جي مدرسة المدينہ بالغان جيڪي صرف 41 منٽ جي لاءِ لڳندا آهن، اُن ۾ شامل ٿي وڃو، اسلامي ڀينرن جي لاءِ مدرسة المدينہ بالغات آهن، جنهن ۾ اسلامي ڀينرون اسلامي ڀينرن کي گھرن ۾ في سبيل اللہ قرآنِ پاڪ پڙهائينديون آهن۔