Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

الْکافِرون چوٿائي قرآن جي برابر آهي، سُوْرَۃُ الْاِخْلاص قرآن ٽين حصي جي برابر آهي، ان جا بي شمار فضائل آهن، سُوْرَۃُ الْفَلَق ۽ سُوۡرَۃُالنَّاس پڙهڻ سان جن و شيطان ۽ حاسدن جي شر کان حفاظت رہندي آهي۔ (جنتي زيور،ص۵۸۸) ڪاش! تلاوت ڪرڻ جو جذبو نصيب ٿي وڃي، اچو! اميرِ اہلسنّت جي دُعا ۾ شامل ٿي وڃو:

تلاوت کا جذبہ عطا کر الٰہی

 

معاف فرما میری خطا ہر الٰہی

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم جي مختلف سُورتن جا فَضائل ۽ مزيد معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ شيخِ طريقت، اميرِاَہلسُنَّت حضرت علامہ مولانا ابُوبلال محمد الياس عطار قادري رَضَوي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جو تمام ئي پيارو ڪتاب’’مدني پنج سُورة‘‘مڪتبة المدينہ کان هديو ڏئي حاصل فرمائي ڪري مُطالَعو ڪري وٺو۔ ان ڪتاب جو ہر گھر ۾ ہئڻ ضروري آهي۔ اَلْحَمْدُلِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ ان ڪتاب ۾ مشہور قُرآني سُورتون، دُرُود ۽ رُوحاني علاجن سان گڏوگڏ بي شُمار خُوشبودار مدني گُل پنهنجي خُوشبو لٽائي رهيا آهن۔ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net کان ان ڪتاب کي رِيڊ (يعني پڙهي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ به ڪري سگھجي ٿو ۽ پرنٽ آؤٽ ڪري سگھجي ٿو۔

دُرُست تَلفُّظ سان گڏ قرآنِ پاڪ سکو!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!ياد رکو!قرآنِ ڪريم جي تِلاوت ڪرڻ واري تي اللہ عَزَّوَجَلَّ جي رحمتن جو مينهن به ان وَقت وسندو جڏهن اهو صحيح طريقي سان قرآنِ ڪريم پڙھڻ ڄاڻيندو هجي۔ اسان جي معاشري ۾ جديد دُنيوي تعليم حاصل ڪرڻ، اِنگلش لينگويج، ڪمپيوٽر ۽ مختلف ڪورسز