Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

سڀني آسماني ڪتابن جو لبّ لباب آهي، تمام علوم جو سرچشمو آهي، هي هدايت جو مجموعو، رحمتن جو خزانو ۽ برڪتن جو چشمو آهي، هي اهڙو دستور آهي جنهن تي عمل پيرا ٿي ڪري سڀئي مسئلا حل ڪري سگھجن ٿا، اهڙو نور آهي، جنهن سان گمراهي جا تمام انڌيرا دور ڪري سگھجن ٿيا، اهڙو رستو آهي، جيڪو سڌو الله عَزَّوَجَلَّ جي رضا ۽ جنت تائين وٺي ويندو آهي، اصلاح ۽ تربيت جو اهڙو نظام آهي، جنهن سان انسان جو تزڪيو ڪري (يعني انسان کي پاڪ ڪري) ان کي مثالي بڻائي ڇڏيندو آهي، اهڙو وڻ آهي جنهن جي ڇانوَ ۾ ويهڻ وارو قلبي سڪون محسوس ڪندو آهي، اهڙو باوفا ساٿي آهي، جيڪو قبر ۾ به ساٿ نڀائيندو آهي ۽ حشر ۾ به وفا جو حق ادا ڪندو. ان ۾ بيمار دلين جي لاءِ شِفا آهي، جنهن ان کي مضبوطي سان پڪڙيو، اهو هدايت يافته ٿي ويو، جنهن ان تي عمل ڪيو اهو فلاحِ دارَين (يعني دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي) حاصل ڪري ويو.

مجھ کو روزانہ تلاوت کی بھی تُو توفیق دے

قاریِ قرآ ں بنا اور خاد مِ قرآں بنا

خود الله ربُّ العزت سيپاري 23 سُوْرَۃُ الزُّمَر آيت نمبر 23 ۾ قرآنِ ڪريم جي مدح (يعني تعريف) ۾ فرمائي ٿو ته

اللہُ نَزَّلَ اَحۡسَنَ الۡحَدِیۡثِ کِتٰبًا مُّتَشَابِہًا مَّثَانِیَ ٭ۖ

ترجمو ڪنزالايمان: الله لاٿو سڀ کان سهڻو ڪتاب جو اول کان آخر تائين هڪجهڙو آهي. تڪرار سان بيان ڪندڙ.