Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

ته قرآنِ مجيد دل، بدن ۽ رُوح سڀ جي لاءِ دَوا آهي۔ جڏهن ته ڪجھ ڪلامن جون به خاصيتون ۽ فائدا ہوندا آهن، ته پوءِ رَبُّ العالمين جَلَّ جَلَالُہٗ جي ڪلام جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي، جنهن جي فضيلت ٻين ڪلامن تي اهڙي آهي، جيئن اللہ عَزَّوَجَلَّ جي سندس مخلوق تي۔ قرآنِ پاڪ ۾ ڪجھ اهڙيون آيتون آهن جيڪي خاص بيمارين ۽ مصيبتن جي خاتمي جي لاءِ آهن، انهن آيتن جي مَعرِ فت خاص ماڻهن کي ہوندي آهي۔ (فيض القدير،٣/٦٢٨) پُورو قرآنِ ڪريم ئي بيمارين جي لاءِ شِفا ۽ مصيبتن ۽ تڪليفن ۾ مشڪل ڪُشا آهي ۽ قرآنِ پاڪ جي ہر سُورت جي پنهنجي ئي فضيلت ۽ شان آهي جيڪا جان ۽ مال جي حِفاظَت ڪرڻ، رَنج ۽ غم ختم ڪري دل ۾ فَرحت ۽ مَسرت داخل ڪرڻ ۽ مَرض کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ ڪافي آهي۔ جيئن ته مڪتبةالمدينہ جي مطبوعہ 679 صفحات تي مُشتمل ڪتاب ’’جنَّتي زيور‘‘مان قرآنِ پاڪ جي ڪجھ سُورتن جا مُختَصر فَضائل ٻڌون ٿا۔ سُوۡرَۃُ الْفاتِحَہ 100مرتبہ پڙهي ڪري جيڪا دُعا گھُري وڃي، قَبول ٿيندي آهي، سُوْرَۃُ الْبَقَرہ جي تلاوت سان شيطان گھر مان ڀڄي ويندو آهي، آیَۃُ الْکُرسی پڙهڻ سان مُحتاجي دُور ٿيندي آهي، سُوْرَۃُ الْکَہْف کي ہميشہ پڙھڻ وارو دَجّال جي فِتنن کان محفوظ رهندو، والدين جي قَبر تي ہر جُمعي سُورۂ یٰسٓ جي تِلاوت ڪرڻ سان ان جي حُروف جي تعداد جي برابر ان جا گُناہه بخشيا ويندا آهن۔ سُوْرَۃُالدُّخَان پڙهڻ سان مُشڪل دُور ٿيندي آهي، جيڪو قريبُ المرگ ہجي ان تي سُوْرَۃُ الْجاثِیَہ جو دَم ڪرڻ سان ان جو خاتِمو خير سان ٿيندو سُوْرَۃُالحُجُرات جو پڙهڻ ۽ دَم ڪري پيئڻ گھر ۾ خير و برڪت جي لاءِ مُفيد آهي،