Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

سُوْرَهٔ قٓ پڙهڻ سان باغ ۾ ميون جي ڪثرت ٿيندي آهي، سُوْرَۃُ الرَّحْمٰن 11 ڀيرا پڙهڻ سان سڀ مَقصد پُورا ٿيندا آهن، سُوْرَۃُالْواقِعَہ جيڪو شخص روزانه پڙهندو، ان جو ڪڏهن فاقو نه ٿيندو۔ سُوْرَۃُ الْمُلْک کي ہر رات ۾ پڙھڻ وارو عذابِ قبر کان محفوظ رهندو، سُوْرَۃُالْمُزَّمِّل کي 11 ڀيرا پڙهڻ سان ہر مُشڪل آسان ٿي ويندي آهي، سُوْرَۃُ الْمُدَّثِّر کي پڙهي حفظِ قرآن جي دُعا گھُرڻ سان قرآنِ ڪريم کي ياد ڪرڻ آسان ٿي ويندو، سُوْرَۃُالنّٰزِعٰت پڙهڻ سان مرڻ وقت جي تڪليف نه ٿيندي، سُوْرَۃُ الضُّحیٰ پڙھڻ سان ڀڄي ويل ماڻهو واپس اچي ويندو، سُوْرَۂ اَلَمۡ نَشۡرَح کي جنهن مال تي پڙھيو وڃي، ان ۾ خوب برڪت ٿيندي، سُوْرَۃُالتِّیْن 3 ڀيرا پڙهڻ سان اَخلاق ۽ ڪردار بہترين ٿيندا آهن، سُوْرَۃُ الْعَلَق ۾ جوڙن جي سور جو علاج آهي، سُوْرَۃُالْقَدۡر جيڪو صُبح ۽ شام پڙهندو، اللہ عَزَّوَجَلَّ ان جي عزت وڌائيندو، سُوْرَۃُ الْبَیِّنَہ ڪوڙھ ۽ سائي جي بيماري جو علاج آهي، سُوْرَۃُ الزِّلْزال چوٿائي قرآن جي برابر آهي، جنهن ماڻهو يا جانور کي نظر لڳي ہجي ان تي سُوْرَۃُالْعٰدِیٰت جو دَم مُفيد آهي، سُوْرَۃُ الْقارِعَہ پڙهڻ سان بَلائن کان حِفاظَت رہندي آهي، سُوْرَۃُالتَّکاثر کي 300 ڀيرا پرھڻ سان تمام جلد قَرض اَدا ٿي ويندو آهي، سُوْرَۃُ الْعَصْر پرھڻ سان غم دُور ٿي ويندا آهن، سُوْرَۃُ الْھُمَزَہ ۽ سُوْرَۃُالْفِیْل دُشمن جي شَر کان حِفاظَت ۽ سُوْرَۂ قُریش جان جي حِفاظَت جي لاءِ مُجرَّب آهي، سُوْرَۃُالْماعُوْن وڏي مشڪل جي وقت پڙھڻ تمام مفيد آهي، سُوْرَۃُالْکَوثَر جي تلاوت سان بي اَولاد، صاحب ِاَولاد ٿي ويندو آهي، سُوْرَۃُ