Mehman Nawazi Ke Aadab

Book Name:Mehman Nawazi Ke Aadab

هڪ ٻئي کي مبارڪباد ڏيڻ تمام سٺو ڪم آهي. حضرت جُبَيْر بن نُفَيْر رَضِیَ اللہُ عنہ فرمائن ٿا ته عيد جي ڏينهن جڏهن صحابهءِ ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوَان هڪ ٻئي سان ملندا هئا ته مبارڪباد پيش ڪندا هئا ۽ تَقَبَّلَ اللَّهُ مِنَّا وَمِنْكَ چوندا هئا. [1]

عید کا دِن ہے گلے آج تو مِل لو یارَو!

رَسْمِ دُنیا بھی ہے، موقع بھی ہے، دستور بھی ہے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

هڪ وليءَ جي عيد

   حضرت شيخ نجيبُ الدِّين رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ، بابا فريد رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جا ڀاءُ به آهن ۽ خليفا به. سندن لقب مُتَوَڪِّل هو: يعني الله پاڪ تي ڀروسو رکڻ وارو، تَوَڪُّل ڪرڻ وارو. پاڻ رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ الله پاڪ جي ياد ۾ ايترو غرق رهندا هئا جو (ڪڏهن ڪڏهن) هي به خبر نه هوندي هئي ته اڄ ڪهڙو ڏينهن آهي؟ ڪهڙو مهينو پيو هلي؟ سِڪو ڪيتري ماليت جو آهي؟.    

   هڪ ڀيرو عيد جو ڏينهن هو، شيخ نجيبُ الدين رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جي گهر تمام گهڻا مهمان گڏ ٿي ويا. اتفاق سان ان ڏينهن سندن گهر کائڻ پيئڻ جو ڪو به سامان موجود نه هو. (ظاهري طور هي هڪ پريشانيءَ جي صورت هئي، ظاهر آهي ته عيد جو ڏينهن هجي، خوشين جو موقعو هجي، گهر مهمان اچي وڃن ۽ ماڻهوءَ وٽ ڪجهه به نه هجي. پريشاني ته ٿيندي آهي، انسان جي دل ته ڏَکندي آهي پر هي الله پاڪ جا نيڪ ٻانها هئا، توڪل وارا هئا، الله پاڪ تي پورو ڀروسو رکندا هئا،


 

 



[1]...فتح الباری، کتاب العیدین، باب سنۃ العیدین لاہل الاسلام، جلد:2، صفحہ:575۔