Book Name:Mehman Nawazi Ke Aadab
پاڻ نه ڪو شڪوا ڪيائون، نه شڪايت، نه ئي زبان تي ڪو غلط لفظ آندائون، نه ئي دل ميري ڪيائون، پوءِ پاڻ ڇا ڪيائون؟) ٻه ماڙ (يعني گهر جي مٿين منزل) تي تشريف کڻي ويا ۽ اڪيلائيءَ ۾ ويهي الله پاڪ کي ياد ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا. هاڻي هڪ پاسي ته الله پاڪ جي ياد جاري هئي، ساڻ ئي دل ئي دل ۾ عرض ڪري رهيا هئا: اي الله! اڄ عيد جو ڏينهن آهي ۽ منهنجي گهر مهمان آيل آهن.
هڪ رب جي ٻانهي، وليءِ ڪامل جي دل سان پيش ڪيل عرض فوري طور قبول ٿيو، اوچتو ڇت تي هڪ شخص ظاهر ٿيو، ان جي هٿ ۾ کاڌن سان ڀريل دسترخوان هو، ان غيبي شخص اهو دسترخوان حضرت نجيبُ الدين رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جي خدمت ۾ پيش ڪيو ۽ واپس هليو ويو. [1]
کیونکر نہ میرے کام بنیں غیب سے حسن بندہ بھی ہوں تو کیسے بڑے کارساز کا([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! يقينن جيڪي الله پاڪ تي ڀروسو رکندا آهن، ربِ ڪريم انهن تي وڏو ڪرم فرمائيندو آهي. الله پاڪ اسان کي به توڪل ۽ يقين جي دولت نصيب فرمائي. اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد