Book Name:Mehman Nawazi Ke Aadab
جيئن اسان جو هي روزا رکڻ ۽ انهن جي برڪتن کان فيضياب ٿيڻ جو ذهن بڻجي، جيئن ته*حديثِ پاڪ ۾ آهي: جنهن رمضان جا روزا رکيا پوءِ 6 ڏينهن شوال ۾ رکيا ته گناهن مان اهڙي طرح نڪري ويو جيئن اڄ ئي ماءُ جي پيٽ مان پيدا ٿيو هجي. [1] * جنهن رمضان جا روزا رکيا پوءِ انهن کان پوءِ شوال ۾ 6 روزا رکيا، ته اهو ائين آهي جيئن سڄي عمر جو روزو رکيو.[2] * خليلِ ملت مفتي محمد خليل خان برڪاتي رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ فرمائن ٿا: هي روزا عيد کان پوءِ مسلسل رکيا وڃن تڏهن به حرج ناهي ۽ بهتر هي آهي ته هر هفتي ۾ 2 روزا ۽ عيد جي ٻئي ڏينهن هڪ روزو رکي وٺي ۽ پوري مهيني ۾ رکي ته اڃان به مناسب معلوم ٿئي ٿو.[3]
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد