Book Name:Mehman Nawazi Ke Aadab
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ عيد جو ڏينهن آهي، الله پاڪ جي رحمتن جي ملڻ جو بابرڪت ڏينهن آهي. اميرِ اهلسنت دَامَت بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَہ لکن ٿا:
بعدِ رَمضان عید ہوتی ہے رَبّ کی رَحْمت مزید ہوتی ہے
جس کو آقا کی دید ہوتی ہے اس پہ قربان عید ہوتی ہے
عید تجھ کو مبارَک اے صائِم! روزہ داروں کی عِیْد ہوتی ہے
روزہ داروں کے واسطے واللہ! مغفرت کی نَوِید ہوتی ہے
عید کے دِن عمر یہ رَو رَو کر بولے نیکوں کی عید ہوتی ہے
عِیْد عطّارؔ اُس کی ہے جس کو خواب میں اُن کی دِید ہوتی ہے([1])
اَلحَمۡدُلله! جنهن طرح ماھِ رمضان مغفرت ۽ بخشش جو مهينو آهي، ائين ئي عيد الفطر جو هي مبارڪ ڏينهن به ربِ رحمان جون رحمتون لٽڻ جو ڏينهن آهي. صحابيءِ رسول حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللہُ عنہما جي هڪ روايت ۾ آهي: جڏهن عيد جي صبح ٿيندي آهي ته الله پاڪ پنهنجي معصوم فرشتن کي تمام شهرن ۾ موڪليندو آهي، اهي فرشتا زمين تي تشريف آڻي سڀني گھٽين ۽ رستن تي بيهي رهندا آهن ۽ هن ريت اعلان ڪندا آهن: اي اُمتِ محمد! اُن ربِ ڪريم جي بارگاهه ڏانهن هلو! جيڪو تمام گهڻو عطا ڪندڙ ۽ وڏي کان وڏو گناهه معاف فرمائيندڙ آهي.