Book Name:Mehman Nawazi Ke Aadab
ڏسو! مهمان نوازي کي ڪهڙي حد تائين اهميت ڏني پئي وڃي، هي ٻڌايو پيو وڃي ته ماڻهوءَ جي چڱائي ۽ برائي، ان جي شر ۽ ان جي ڀلائي جو معيار مهمان نوازي آهي*جيڪو مهمان نواز آهي*مهمان جي عزت ڪندو آهي*مهمان کي راحت ۽ آرام پهچائيندو آهي*مهمان گهر اچي ته خوشيءَ مان ٻَهڪي پوندو آهي*اهو ماڻهو تمام سٺو آهي، ان جي ڪردار ۾، ان جي اخلاق ۾، ان جي سيرت ۽ ذات ۾ ڀلائي آهي ۽ * جيڪو ٻانهو مهمان جي عزت ناهي ڪندو*مهمان گهر اچي وڃي ته ان جو چهرو مرجهائجي ويندو آهي* دل ئي دل ۾ پريشان ٿي ويندو آهي * مهمان جي سٺي ميزباني ناهي ڪندو، اهڙي ماڻهوءَ جي اخلاق و ڪردار ۽ ان جي ذات ۾ ڪا به ڀلائي ناهي.
الله پاڪ جنهن کي چاهيندو آهي سٺا اخلاق ڏيندو آهي
حديثن جي ڪتابن ۾ هڪ سبق آموز واقعو لکيل آهي، روايت هن ريت آهي ته هڪ دفعي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ڪٿي تشريف کڻي وڃي رهيا هئا، رستي ۾ هڪ امير شخص جي ويجهو کان گذر ٿيو، ان شخص وٽ ڪافي اٺ ۽ ٻڪريون هيون (يعني اڄوڪي دور مطابق ائين چئي وٺو ته هو شخص سٺو کائيندڙ پيئندڙ ٻانهو هو). ان جي باوجود ان شخص رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي مهمان نوازي نه ڪئي. پوءِ پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم هڪ صحابيه جي گهر جي ويجهو کان گذريا، اها صحابيه رَضِیَ اللہُ عنہا گهڻي امير نه هئي، انهن وٽ ڪجهه ئي ٻڪريون هيون، انهن جڏهن رسولِ خدا، احمدِ مجتبى صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم کي