Mehman Nawazi Ke Aadab

Book Name:Mehman Nawazi Ke Aadab

    پوءِ الله پاڪ پنهنجي ٻانهن سان هن ريت خطاب فرمائيندو آهي: اي منهنجا ٻانهؤ! گُهرو! ڇا ٿا گهرو؟ منهنجي عزت ۽ جلال جو قسم! اڄوڪي ڏينهن هن (نمازِ عيد جي) ميڙ ۾ پنهنجي آخرت بابت جيڪو به سوال ڪندؤ اهو پورو ڪندس ۽ جيڪو ڪجهه دنيا جي باري ۾ گهرندؤ، ان ۾ توهان جي ڀلائي ڏانهن نظر فرمائيندس (يعني ان معاملي ۾ اهو ڪندس جنهن ۾ توهان جي بهتري هجي). منهنجي عزت جو قسم! جيستائين توهان منهنجو لحاظ رکندؤ، مان به توهان جي خطائن جي پردو پوشي فرمائيندو رهندس. منهنجي عزت جو قسم! مان توهان کي حد کان وڌندڙن (يعني مجرمن) سان گڏ رسوا نه ڪندس. بس پنهنجي گهرن ڏانهن بخشيل ٿي موٽي وڃو! توهان مون کي راضي ڪري ڇڏيو ۽ مان توهان کان راضي ٿي ويس. [1]

میں رحمت، مغفرت، دوزخ سے آزادی کا سائِل ہوں مہِ رمضان کے صدقے میں فرما دے کرم مولیٰ

بنا دے مجھ کو مُحَمَّدِ مصطفےٰ کا عاشِقِ صادِق    تُو دیدے سوزِ سینہ، کر عنایت چشمِ نَم مولیٰ

نہیں درکار وہ خوشیاں، جو غفلت کا بنیں ساماں         عطا کر اپنی اُلْفَت اپنے پیارے کا تُو غم مولیٰ ([2])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                 صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

عيد جي مبارڪباد ڏيو!

  پيارا اسلامي ڀائرو! عيد جو ڏينهن خوشي ۽ برڪت جو ڏينهن آهي، تنهنڪري هن ڏينهن عيد ملڻ، سلام ۽ مصافحو ڪرڻ (يعني هٿ ملائڻ)،


 

 



[1]...شُعَبُ الایمان ،باب فی الصیام ،جلد:3 ،صفحہ:336 ،حدیث:3695۔

[2]...وسائلِ بخشش ،صفحہ:98 -99 ملتقطًا۔