Book Name:Mehman Nawazi Ke Aadab
اتي حاضر ٿي فاتحه به پڙهو، اتي دعائون به ڪريو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻيون برڪتون نصيب ٿينديون.
هي مهمان نوازي جا ڪجھ آداب مون عرض ڪيا آهن! الله پاڪ اسان سڀني کي انهن تي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ عيد جو ڏينهن آهي، خوشي جو موقعو آهي، اڄوڪي ڏينهن اسان جا اهي مٽ مائٽ، اسان جا اهي مسلمان ڀائر جيڪي اڄ اسان سان گڏ ناهن، دنيا مان وڃي چڪا آهن، انهن کي به ياد رکو! انهن سان به خيرخواهي ڪريو!
اهو ڪيئن ڪنداسين؟ ايصالِ ثواب جي ذريعي، اسان روزا رکيا، تراويح پڙهي، قرآنِ ڪريم ٻڌو، ٻڌايو، تلاوتِ قرآن ڪندا رهياسين، تهجد جي سعادت حاصل ڪئي، نوافل پڙهيا، رمضانُ الڪريم ۾ ذڪر ۽ درود ڪندا رهياسين، ان سڀني جو ثواب ۽ اڄ جيتريون نيڪيون ڪنداسين، ان جو ثواب به پنهنجي فوت ٿيلن کي تحفي طور موڪلي ڏيو، هي انهن جي لاءِ خيرخواهي ٿي ويندي.
حديث پاڪ ۾ آهي: مئل جو حال قبر ۾ ٻڏندڙ انسان وانگر آهي جو هو شدت سان انتظار ڪندو آهي ته پيءُ يا ماءُ يا ڀاءُ يا ڪنهن دوست جي دعا ان کي پهچي ۽ جڏهن ڪنهن جي دعا ان کي پهچندي آهي ته ان جي ويجهو اها دنيا و مافيها (يعني دنيا ۽ ان ۾ جيڪو ڪجهه آهي) کان بهتر هوندي