Book Name:Wiladat e Mustafa Ki Barkat
هتي حلقو ٺاهي ڇو ويٺا آهيو؟ عرض ڪيائون: جَلَسْنَا نَدْعُوْ اللہَ وَ نَحْمَدُہٗ عَلٰی مَا ہَدَانَا لِدِیْنِہٖ وَ مَنَّ عَلَیْنَا بِکَ يعني (يا رسولَ اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم!) اللہ پاڪ اوهان کي موڪلي اسان تي جيڪو احسان ڪيو آهي، اسان کي دينِ اسلام جي هدايت نصيب فرمائي آهي، اسان اُنَ نعمت تي اللہ پاڪ جي حمد ۽ ثنا بيان ڪري رهيا آهيون ۽ دعائون گُهري رهيا آهيون.
پياري نبي، محمدِ عربي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ٻيهر پڇيو: ڇا اوهان قسم کڻو ٿا ته اوهان صرف هن مقصد (Purpose) لاءِ ئي ويٺا آهيو؟ عرض ڪيائون: اللہ پاڪ جو قسم! اسان صرف هن ئي مقصد لاءِ ويٺا آهيون. ان تي رسولِ رحمت، شفيعِ امت صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: مون قسم ان ڪري نه کڻايو ته مون کي اوهان تي ڪو شڪ هو، پر معاملو هي آهي ته هاڻي هاڻي جبرائيلِ امين عَلَیْهِ السَّلَام آيا ۽ ٻڌايائون ته (يا رسولَ اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم! اوهان جا صحابه اوهان جي آمد جي خوشي ۾ گڏجي ويٺا آهن ۽ اللہ پاڪ جو شڪر ادا ڪري رهيا آهن) ۽ اللہ پاڪ فرشتن جي سامهون انهن تي فخر فرمائي رهيو آهي. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي آمد کي پنهنجي حق ۾ اللہ پاڪ جو عظيم احسان مڃيندي، گڏجي ويهي ان تي اللہ پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻ يا ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته ميلاد جي محفل سجائڻ ڪيترو فضيلت وارو ڪم آهي جو صحابه ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوان اهو ڪم ڪيو ته اللہ پاڪ فرشتن جي سامهون انهن تي فخر فرمايو.
وہ لوگ خُدا شاہِد قسمت کے سکندر ہیں
جو سرورِ عالَم کا میلاد مناتے ہیں
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد