Book Name:Quran be Misl Kitab Hai
ڇڏيون، جنگيون ڪيون، قتل ٿيا، غلام بڻايا ويا، هنن گهڻو ڪجهه ڪيو پر قرآن جو مقابلو نه ڪري سگهيا. هي سڀئي گڏجي قرآن پاڪ جي هڪ ننڍڙي سورت مثلاً سُوْرَةُ الْکَوْثَر جهڙيون صرف 3 آيتون به نه ٺاهي سگهيا ۽ ٺاهي به ڪيئن ٿي سگهيا، ڇاڪاڻ ته هي الله پاڪ جو ڪلام آهي، ان جهڙو ڪلام ٺاهڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ئي نه آهي.
ترے آگے یوں ہیں دبے لچے فصحاء عرب کے بڑے بڑے
کوئی جانے منہ میں زباں نہیں، نہیں بلکہ جسم میں جاں نہیں
وضاحت: اي پيارا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ! توهان جي زبانِ مُقَدَّس مان ادا ٿيندڙ الله پاڪ جي ڪلام قرآن مجيد جي شان ۽ عظمت جي سامهون عرب جا وڏا وڏا شاعر، وڏا وڏا ماهرِ فن بلڪل بيوَس آهن، ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ ته سندن منهن ۾ زبان ئي نه آهي، نه...!! نه، بلڪه ڄڻ ته انهن جي جسم ۾ جان ئي نه آهي.
ايئن نه آهي ته عرب وارن قرآن پاڪ سان مقابلي ڪرڻ جون ڪوششون نه ڪيون، هنن ڪوششون ته ڪيون پر عاجز رهيا. جيڪو به عربي، وڏي کان وڏو فصيح، وڏي کان وڏو شاعر، ماهر عربي دان قرآني آيتن کي ٻڌندو هو ته اِهو ئي چوندو هو ته هي ڪنهن انسان جو ڪلام ئي نه آهي. * هڪ دفعي هڪ اعرابي هيءَ آيت ٻڌي:
فَلَمَّا اسْتَیْــٴَـسُوْا مِنْهُ خَلَصُوْا نَجِیًّاؕ-
(سيپارو: 13، اليوسف: 80)
ترجموڪنز العرفان: پوءِ جڏهن هُو ڀائر ان کان مايوس ٿي ويا ته اڪيلائي ۾ وڃي صلاح ڪرڻ لڳا.
ته چوڻ لڳو: مان گواهي ڏيان ٿو ته ڪا به مخلوق هن ڪلام جهڙو ڪلام ڪرڻ جي طاقت نه ٿي رکي. ([1])
* ابن مُقَفَع تابعين جي زماني جو هڪ تمام وڏو ماهر شاعر هو. هن هڪ