Book Name:Quran be Misl Kitab Hai
جو سبب پڇيائون جنهن تي ان شخص وراڻيو: مان رومي آهيان، هاڻي هاڻي مان قرآن پاڪ جي هڪ آيت ٻڌي آهي، ڪو پڙهي رهيو هو:
وَ مَنْ یُّطِعِ اللّٰهَ وَ رَسُوْلَهٗ وَ یَخْشَ اللّٰهَ وَ یَتَّقْهِ فَاُولٰٓىٕكَ هُمُ الْفَآىٕزُوْنَ(۵۲)
(پارو: 18، النور: 52)
ترجموڪنز العرفان: ۽ جيڪو الله ۽ ان جي رسول جي اطاعت ڪري ۽ الله کان ڊڄي ۽ ان جي نافرماني کان ڊڄي، ته اهي ئي ماڻهو ڪامياب آهن.
مون هن آيت تي غور ڪيو ته دنيا ۽ آخرت جا اهي سمورا احوال، جيڪي حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام تي نازل ٿيا هئا اهي سڀ جو سڀ هن هڪ ئي آيت ۾ گڏ ڪيا ويا هئا. جنهن سبب مان ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويس.
قرآن ڪريم جي هڪ اهم خوبي اها آهي ته هي تمام لذت وارو، مٺو ۽ پُرتاثير ڪلام آهي. هي طبيعتن تي اثر ڪرڻ وارو آهي، ان کي ٻڌجي ته ٻڌندو ئي رهڻ تي دل ڪندي آهي، ان کي پڙهجي ته پڙهندو ئي رهڻ تي دل چوندي آهي. ان کي پڙهڻ يا ٻڌڻ سان اڪتاهٽ (يعني بيچيني) نه ٿيندي آهي.
توھان تجربو ڪري ڏسو! پنهنجي پسنديدهه مصنف جو، پنهنجي پسند جو سڀ کان بهترين ڪتاب کڻو، ان کي پڙهڻ شروع ڪريو. هڪ ڀيرو پڙهندﺆ، ٻه ڀيرا پڙهندﺆ، وڌ ۾ وڌ 100 ڀيرا پڙهندﺆ، نيٺ اڪتاهٽ پيدا ٿي ويندي. پر قرآن اهو مبارڪ ڪلام آهي جو ان کي هڪ ڀيرو پڙهو يا هزار ڀيرا پڙهو، ان مان دل نه ٿي ڀرجي، بلڪه اڃان وڌيڪ پڙهڻ جي خواهش پيدا ٿيندي آهي. حضرت علي المرتضيٰ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا ته حضورِ اقدس صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: قرآن اهو آهي جنهن جي برڪت سان خواهشون خراب نه ٿينديون آهن، جنهن سان ٻيون زبانون مشتبه نه ٿينديون آهن، علماء ان مان سير نه ٿيندا آهن، اهو بار بار دهرائڻ سان پراڻو نه ٿيندو آهي ۽ به ئي ان جا عجائبات ختم ٿيندا آهن ([1])