Book Name:Quran be Misl Kitab Hai
اَلحَمد لفظ جي تفسير
حضرت عبد الله بن عباس رَضِیَ اللهُ عَنْہما صحابيءِ رسول آهن، کين سُلْطَانُ الْمُفَسِّرِیْن چيو ويو آهي. هو قرآن ڪريم جا تمام وڏا عالم هئا. پاڻ فرمائيندا هئا: جيڪڏهن منهنجي اُٺَ جي مَهارَ گم ٿي وڃي ته مان اها قرآن پاڪ مان ڳولهي لهندس. ([1])
اللہُ اکبر! اندازو لڳايو! هو قرآن ڪريم جي ڪيتري سمجھ رکندڙ هئا. پاڻ فرمائن ٿا: هڪ دفعي اسان عشاء جي نماز ادا ڪئي، نماز کان پوءِ مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضى رَضِیَ اللهُ عَنْہُ مون کي اڪيلائيءَ ۾ ملڻ لاءِ فرمايو. مان سندن خدمت ۾ حاضر ٿيس. هنن فرمايو: اي عبد الله رَضِیَ اللهُ عَنْہُ! سورة فاتحه جي پهرين آيت جي پهرين جملي اَلْحَمْدُ للہ ۾ لفظ اَلِف جي معنى ڇا آهي؟ مون لاعلمي جو اظهار ڪيو ته پاڻ لفظ اَلِف جي تفسير بيان ڪرڻ شروع ڪيائون، ڪيترائي ڪلاڪ ان ۾ گذري ويا. پوءِ پاڻ لفظ لام جي تفسير بيان ڪرڻ شروع ڪيائون، ان ۾ به ڪيترائي ڪلاڪ گذري ويا ۽ ائين ئي پاڻ اَلْحَمْدُ للہ جي هڪ هڪ حرف جي تفسير بيان ڪندا رهيا، تان جو فجر جي اذان ٿي وئي. ([2])
سُبْحٰنَ اللہ! اهو آهي قرآن ڪريم جو نرالو شان...!! هي ايتري گهرائي وارو ڪلام آهي.
غير مسلم ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويو
اسلام جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروق اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي خلافت جو زمانو هو، هڪ ڏينهن پاڻ مسجد ۾ آرام فرما هئا ته (سندن ڪنن تي آواز پيو) ڪو ماڻهو بلند آواز سان ڪلمو پڙهي رهيو هو. پاڻ هن کان ڪلمو پڙهڻ