Quran be Misl Kitab Hai

Book Name:Quran be Misl Kitab Hai

 

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان سيپارو: 1، سُوْررت الْبَقَرۃ، آيت: 22 ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، سُوْرَۂ بَقَرَہ    جي ابتدائي آيتن ۾ ارشاد ٿيو:

ذٰلِكَ الْكِتٰبُ لَا رَیْبَ ﶈ فِیْهِ ۚۛ-هُدًى لِّلْمُتَّقِیْنَۙ(۲)   (پارو:1، البقرة: 2)

ترجموڪنزالعرفان: اهو وڏي رُتبي وارو ڪتاب جنهن ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش نه آهي ان ۾ ڊڄڻ وارن جي لاءِ هدايت آهي.

هي قرآن ڪريم جون 2 اَہَم ۽ بنيادي صفتون آهن: (1): قرآن لارَيْب ڪتاب آهي (2): قرآن ڪريم هدايت جو ڪتاب آهي.

ان کان پوءِ يعني سُوْرَہ بَقَرَہ جي آيت نمبر 2 کان آيت نمبر 20 تائين تفصيل سان قرآن ڪريم جي ڪتابِ هدايت هجڻ جو واضح بيان آهي، ڪير آهي جيڪو هن ڪتابِ کي پڙهي هدايت قبول ڪندو آهي  ۽ اهي ڪهڙا بدبخت آهن جيڪي هن هدايت واري ڪتاب کي پڙهي يا ٻڌي به هدايت جي راهه تي نه ايندا آهن، ان کي به تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي، مثلاً اهو ٻڌايو ويو ته اَہلِ تقويٰ جن جي دلين ۾ هدايت قبول ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، جيڪي ضدي ناهن، مڃڻ واري طبيعت رکندڙ آهن، اهي هدايت قبول ڪندا آهن، پر ڪافر ۽ منافق جن جي فطرت ۾ ضد ۽ هٺ ڌرمي آهي، جيڪي ازلي بدبخت آهن، اهي هدايت قبول نه ڪندا آهن.

هاڻي هتان کان يعني آيت نمبر 23 ۽ 24 کان قرآن ڪريم جي لارَيْب (يعني جنهن ۾ ڪو به شڪ نه هجي) ڪتاب هجڻ کي بيان ڪيو ويو آهي.

غير مسلمن کي چيلينج

اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! قرآن ڪريم لارَيْب ڪتاب آهي، ان ۾ ڪوبه شڪ ۽ شبهو نه آهي پر غير مسلم پنهنجي هوڏ سبب ان تي اعتراض ڪندا هئا. قرآن ڪريم بابت مڪي جي ڪافرن ۽ ٻين غير مسلمن جو بنيادي نظريو اهو هو ته هي ڪتاب  الله  پاڪ جي طرفان نازل ٿيل نه آهي. جيڪڏهن کانئن پڇيو ويندو هو ته جيڪڏهن هي  الله  پاڪ جو ڪلام نه آهي ته پوءِ ڇا آهي؟ ان سوال جو ڪو