Book Name:Quran be Misl Kitab Hai
جهڙو ڪلام آهي. ([1])
مطلب ته مڪي جا ڪافر ۽ ٻيا تمام وڏا وڏا شاعر ۽ عربي دان هن ڳالهه جي پاڻ ئي شاهدي ڏيندا هئا ته هي ڪلام ڪنهن انسان جو ڪلام نه آهي، ان جو مقابلو ڪرڻ ممڪن ئي نه آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! 1400 سالن کان وڌيڪ وقت گذري ويو آهي، اڄ تائين قرآن مجيد جي مقابلي ۾ ڪو به ڪجهه به نه لکي سگهيو آهي ۽ نه ئي قيامت تائين ڪو اهڙو ڪجهه لکي سگهندو. ڇو؟ ڇاڪاڻ ته قرآن الله پاڪ جو ڪلام آهي، ڪا به مخلوق ان جهڙو ڪلام ڪرڻ جي طاقت نه ٿي رکي.
قرآن جہاں بھر کی کتابوں سے جدا ہے رتبے میں یہ اک نورِ خدا اور ہی کچھ ہے
قرآن ڪريم جون ڪجهه اهم خاصيتون
پيارا اسلامي ڀائرو! ذهن ۾ سوال اڀرندو هوندو ته آخرڪار قرآن مجيد ۾ اهڙي ڪهڙي خاص ڳالهه آهي جو ان جهڙو ڪلام لکي ئي نٿو سگهجي؟ علماءِ ڪرام ان بابت گهڻو ڪلام ڪيو آهي، قرآن ڪريم جي اعجاز (يعني معجزو هئڻ) تي ڪتابن جا ڪتاب لکيا ويا آهن، جن ۾ قرآن پاڪ جون اهي خوبيون تفصيل سان لکيل آهن جيڪي ڪنهن به ٻئي ڪلام ۾ نه ٿيون ملن. مان انهن مان صرف ڪجهه خوبيون بيان ڪريان ٿو:
قرآن ڪريم تمام وسيع ڪلام آهي. ان جي هڪ هڪ لفظ ۾ ايتري گهرائي آهي جو ٿورن لفظن ۾ اهڙي گهرائي وارو مطلب بيان ڪرڻ، ڪنهن انسان جي وس جي ڳالهه ئي نه آهي. علماءِ ڪرام ان باري ۾ ايسيتائين لکيو آهي ته قرآن ڪريم جي هڪ هڪ آيت ۾ 60 هزار علوم موجود آهن. ([2])
هي ايترو گهرائي وارو ڪلام آهي. ڀلا ڪير آهي جيڪو هڪ جملي يا هڪ آيت ۾ هيترا سارا علم بيان ڪري سگهي؟ يقيناً اها ڪنهن انسان جي وس جي ڳالهه نه آهي.