Quran be Misl Kitab Hai

Book Name:Quran be Misl Kitab Hai

جو ڪو به مضمون وغيرهه تلاش ڪري سگهجي ٿو. توهان به هيءَ ايپلي ڪيشن پنهنجي سمارٽ فون ۾ انسٽال ڪري ڇڏيو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو. 

بيان کي ختم ڪرڻ کان اڳ هڪ شرعي مسئلو عرض ڪريان ٿو:

صحيح ڇا آهي؟

(درست شرعي مسئلو ۽ عوام جي ذهنن پلجندڙ غلط فهمي جي نشاندهي)

مسئلو: ٻليءَ جو رڙيون ڪرڻ منحوس نه آهي ۽ نه ئي ان جي ڪري ڪا مصيبت ايندي آهي.

وضاحت: عوام ۾ مشهور آهي ته ٻلي جو رَڙَڻ منحوس آهي ۽ چوندا آهن ته جنهن پاڙي يا گهر ۾ رات جي وقت ٻلي رڙيون ڪندي آهي اُتي ضرور ڪا مصيبت ايندي آهي يا ڪنهن جو انتقال ٿيندو آهي. ائين بلڪل به نه آهي ۽ نه ئي ان ڳالهه جو ڪو واضح ثبوت موجود آهي. ٻلي جي رڙيون ڪرڻ کي منحوس سمجهڻ يا ان کي مصيبت جو سبب سمجهڻ يا اهڙين ڳالهين تي يقين رکڻ بدشگوني آهي ۽ بدشگوني ڪرڻ ناجائز ۽ گناهه آهي. ([1])  

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ!           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

اَسمَاءُ الحسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)

یَاعَظِیْمُ

جيڪو شخص 7 دفعا  یَاعَظِیْمُ پڙهي پاڻي تي دم ڪري ۽ اهو پاڻي پي ڇڏي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! پيٽ جي سُورَ کان محفوظ رهندو.([2])الله  پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم



[1]...فتاوی اہلسنت غیر مطبوعہ، ماہنامہ فیضان مدینہ اکتوبر 2022۔

[2]...مدنی پنج سورہ، صفحہ:251۔