Book Name:Quran be Misl Kitab Hai
کان پڇي وٺو * جيڪڏهن توهان وٽ موبائل به نه آهي، ايپلي ڪيشن به ڊائونلوڊ نه ٿا ڪري سگهو تڏهن به پريشاني جي ڪا ڳالهه ناهي، روزانو 15 کان 20 منٽ ڏيو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! عاشقانِ رسول، مبلغينِ دعوتِ اسلامي مسجدن ۾ فجر جي نماز کان پوءِ تفسير ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جو حلقو لڳائيندا آهن، جنهن ۾ روزانو گهٽ ۾ گهٽ 3 آيتون ترجمي ۽ تفسير سان پڙهي ٻڌايون وينديون آهن. روزانو 3 آيتون يعني هڪ سال ۾ 1,095 آيتون، يعني اسان روزانو 15 کان 20 منٽن جي ڪوشش سان اڍائي کان ٽن سالن ۾ پورو قرآن مجيد ٻڌي، سکي ۽ سمجهي سگهون ٿا، هاڻي جيڪو ڪجهه سکيو آهي، ان کي ٻين تائين ڪيئن پهچائڻو آهي، ان جو به وڏو آسان طريقو آهي، عاشقانِ رسول سان گڏ مدني قافلن ۾ سفر ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قرآن مجيد جون تعليمات سکڻ ۽ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنتن تي عمل ڪرڻ جو جذبو حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ قرآن ۽ سنت جي تعليم ٻين تائين پهچائڻ جو به بهترين موقعو نصيب ٿيندو ان سان گڏوگڏ الله پاڪ چاهيو ته دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون به نصيب ٿينديون.
الله پاڪ اسان کي قرآن ڪريم سان پنهنجو تعلق مضبوط ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
ماهوار فيضانِ مدينه ايپلي ڪيشن
پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ هڪ تمام پياري موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: ماھوار فيضانِ مدينه (Mahnama Faizan e Madina) هن ايپلي ڪيشن ۾ اڄ تائين جاري ٿيل سڀئي ماھناما PDF جي صورت ۾ موجود آهن. ان کان سواءِ * سڀني ماهوار جا مضمون (آرٽيڪلز) ٽيڪسٽ جي صورت ۾ به موجود آهن جن کي ڪاپي ڪري شيئر ڪري سگهجي ٿو * سهولت جي لاءِ سرچ آپشن به ڏنو ويو آهي، جنهن جي مدد سان ماھنامي