Quran be Misl Kitab Hai

Book Name:Quran be Misl Kitab Hai

 

قرآن ڪريم جي ڪجهه حقن جو بيان

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ!  الله  پاڪ اسان کي اهڙو پاڪيزه ڪلام قرآن مجيد عطا فرمايو آهي، يقيناً اها اسان جي لاءِ وڏي سعادت جي ڳالهه آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ!  * قرآن ڪريم ڪتابِ هدايت به آهي * ڪتابِ رحمت به آهي * ڪتابِ حڪمت به آهي * ان جون ڪيتريون ئي خاصيتون آهن * ان جون تمام گهڻيون برڪتون آهن. اسان کي غور ان ڳالهه تي ڪرڻو آهي ته اسان جو قرآن ڪريم سان تعلق ڪيترو مضبوط آهي؟ اسان ان جو قدر ڪيترو ڪريون ٿا؟ 

* قرآنِ ڪريم جي هڪ هڪ ڳالهه تي پختو ايمان رکڻ * جيڪو ڪجهه قرآن ڪريم ۾ فرمايو ويو آهي * ان کي حق ۽ سچ مڃڻ * ان جي مقابلي ۾ پنهنجي عقل جا گهوڙا نه ڊوڙائڻ * قرآن پاڪ جي مقابلي ۾ غير مسلمن جي نظرين جي پوئلڳي نه ڪرڻ * اهو قرآن ڪريم جو سڀ کان پهريون ۽ بنيادي حق آهي. 

* اهڙي طرح قرآن ڪريم سان محبت ڪرڻ  * ان جو خوب خوب احترام ڪرڻ * ان جي گهڻي کان گهڻي تلاوت ڪرڻ * ان کي سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ، قرآن پاڪ جي حقن ۾ شامل آهي. اسان کي گهرجي ته قرآن مجيد جي انهن حقن کي پورو ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيون.

فِلموں سے ڈِراموں سے دے نفرت تُو الٰہی         بس شوق مجھے نعت وتِلاوت کا خُدا دے

  تِلاوت قرآن جون فضيلتون

تمام گهڻي افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان جي معاشري ۾ آهستي آهستي قرآن ڪريم کان دُوري وڌندي پئي وڃي. هي اسان جي معاشري جو وڏو الميو آهي ته اسين ماڻهو تلاوت ناهيون ڪندا. جڏهن ته * اسان کي صبح ۽ شام، ڏينهن ۽ رات تلاوتِ قرآن جي ترغيب ڏني وئي آهي * تلاوتِ قرآن افضل