Book Name:Quran be Misl Kitab Hai
تمام وڏو شاعر ۽ عربي دان هو. پاڻ فرمائن ٿا: هڪ دفعي هُو مڪي شريف ويو. گهڻي وقت کان پوءِ جڏهن هو واپس موٽي آيو ته مون کانئس حال احوال پڇيو ته هن وراڻيو: مان مڪي مڪرمه ۾ هڪ شخص سان مليس، جنهن جي دعوا هئي ته هو الله جو رسول آهي. حضرت ابوذر غفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا مون پڇيو: ماڻهو هن جي باري ۾ ڇا ٿا چون؟ وراڻيائين: ماڻهو چون ٿا ته هو شاعر آهي، ڪاهِن آهي، جادوگر آهي. پوءِ منهنجي ڀاءُ چيو: الله جو قسم! مون ڪاهِنَن جو ڪلام ٻڌو آهي، هُن جو ڪلام (يعني قرآن مجيد) ڪاهنن جهڙو نه آهي. مون هن جي ڪلام کي شاعري جي سڀني صِنفُن سان ڀيٽي ڏٺو آهي، اهو ڪلام شعر به نه آهي. الله جو قسم! هو سچو نبي آهي ۽ ڪافر بيشڪ ڪوڙا آهن.
پنهنجي ڀاءُ جي طرفان ٻڌايل اهڙين ڳالهين کان متاثر ٿي، حضرت ابوذر غفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ مڪي مڪرمه پهتا ۽ ڪلمو پڙهي اسلام قبول ڪيائون. ([1])
قرآن کی شیرینی ہے شیرینئ حقیقی شیرینئ قرآں کا مزا اور ہی کچھ ہے
* هڪ ڏينهن سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مسجد ۾ اڪيلا ويٺا هئا. قريشن پنهنجي سردار عتبه بن ربيعه کي سندن خدمت ۾ موڪليو. هن پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان ڪافي ڳالهيون ڪيون ۽ حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي هن ڳالهه تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسلام جي تبليغ ڪرڻ بند ڪن. سندس سڀني ڳالهين جي جواب ۾ آقا ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صرف ايترو ڪيو جو سورة حَم اَلسَّجْدَہ جون ڪجهه آيتون تلاوت ڪيون. اُهي آيتون ٻڌي عتبه جي مٿان هيبت طاري ٿي وئي. هو قريشن وٽ واپس موٽي آيو ۽ چوڻ لڳو: الله جو قسم! مان اهڙو ڪلام ٻڌو آهي، جو ان جهڙو ڪلام ڪڏهن به نه ٻڌو آهي. الله جو قسم! اهو نه ڪو شعر آهي، نه ڪو جادو آهي ۽ نه ئي ڪاهنن