Quran be Misl Kitab Hai

Book Name:Quran be Misl Kitab Hai

آهي، تيئن ئي تلاوتِ قرآن به روح جي غذا آهي، ان کان سواءِ به اسان جو ڏينهن نه گذرڻ گهرجي. 

یہی ہے آرزو تعلیم قرآن  عام ہو جائے                  تلاوت کرنا صبح و شام میرا کام ہو جائے

دعوتِ اسلامي ۽ خِدمتِ قرآن

اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي دنيا ۾ فيضانِ قرآن کي عام ڪرڻ واري تحريڪ آهي. دعوتِ اسلامي اسان کي قرآن پڙهڻ به سيکاري ٿي، قرآن کي سمجهڻ جا ذريعا به فراهم ڪري ٿي ۽ قرآنِ مجيد کي سمجهي ان تي عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جا موقعا به فراهم ڪري ٿي. 

مثال طور جيڪڏهن توهان قرآن مجيد سمجهڻ چاهيو ٿا ته * دعوتِ اسلامي جي تحت هلندڙ ڪنهن به ويجهي جامعة المدينه ۾ داخلا وٺي ڇڏيو. درسِ نظامي يعني عالم ڪورس ڪري وٺو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قرآنِ مجيد سمجهڻ به اچي ويندو ۽ ان سان گڏوگڏ بخاري شريف، مسلم شريف، فتاويٰ شامي، احياءُ العلوم، فتاويٰ رضويه شريف وغيره علمِ دين جا وڏا وڏا ڪتاب نه رڳو پڙهڻ وارا بڻجي ويند پر ٻين کي سيکارڻ وارا به بڻجي ويند * درسِ نظامي يعني عالم ڪورس 8 سالن جو آهي، جيڪڏهن اوهان وٽ ايترو وقت نه آهي، مصروفيتون آهن، گهريلو مسئلا آهن ته ڪا ڳالهه ناهي، آن لائن جامعة المدينه ۾ داخلا وٺي گهر ويٺي ئي درسِ نظامي ڪري ڇڏيو* جيڪڏهن اهو به مشڪل لڳي رهيو آهي ته قرآن مجيد جي ترجمي ۽ تفسير ڪورس ۾ داخلا وٺي ڇڏيو * جيڪڏهن اهو به نه ٿا ڪري سگهو ته دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جو شايع ٿيل ترجمهءِ قرآن ڪنزالعرفان مع تفسير صراط الجنان ۽ معرفة القرآن خريد ڪريو ۽ آسان اردو ۾ گهر ۾ ويٺي قرآن مجيد ترجمي ۽ تفسير سان پڙهو ۽ برڪتون حاصل ڪريو * جيڪڏهن توهان ڪتاب خريدڻ ڪرڻ لاءِ پئسا خرچ نه ٿا ڪرڻ چاهيو ته پنهنجي موبائل ۾ Al Quran With Tafseer نالي ايپلي ڪيشن ڊائونلوڊ ڪري، قرآن ڪريم جي تلاوت ڪريو، ترجمو پڙهو، تفسير پڙهو، سمجهو، جتي سمجهه ۾ نه اچي ته اَلْحَمْدُ لِلّٰہ  مدني علماء، عاشقانِ رسول مفتيانِ ڪرام موجود آهن، انهن