Book Name:Quran be Misl Kitab Hai
داني تي وڏو ناز هو، ايسيتائين جو اُهي پاڻ کان سواءِ سڀني قومن کي عجمي سڏيندا هئا، يعني انهن جو اهو خيال هو ته اصل ۾ ڪلام ڪرڻ ته اسان کي ئي ايندو آهي، باقي سڀ ته گونگا آهن، جهڙي شاعري اسان ڪيون ٿا، تهڙي شاعري ٻيو ڪو به نه ٿو ڪري سگهي، جنهن انداز ۽ جنهن ڍنگ سان اسان ڳالهائڻ ڄاڻون ٿا، اهڙي نموني دنيا جي ڪا به قوم ڪلام نه ٿي ڪري سگهي.
اَهلِ عرب جو ٻار ٻار وڏو ڪمال جو شاعر ۽ زبان دان هوندو هو. تاريخ ۾ سندن زبان داني جا اهڙا اهڙا واقعا آهن جو عقل حيران ٿي ويندو آهي. هڪ ڀيرو هڪ عربي سفر ۾ هو، ان جا ٻه دوست به ساڻس گڏ هئا، ان وٽ ڪافي قيمتي سامان هو، رستي ۾ ٻنهي دوستن جي نيت ۾ فتور آيو ۽ هنن کيس قتل ڪري ان جي قيمتي سامان تي قبضو ڪري ورتو. جڏهن اهو شخص مرڻ لڳو ته هن هڪ شعر پڙهيو ۽ کين چيائين ته هي شعر منهنجي گهر وارن کي ٻڌائجو. هاڻي هِي ٻئي دوست ان جي گهر پهتا، مرڻ واري جي گهر وارن کي ٻڌايائون ته اوهان جو ماڻهو رستي ۾ فوت ٿي ويو هو، هي ان جو ڪجهه سامان آهي، اهو رکي ڇڏيو، ساڳئي وقت اهو شعر به کين ٻڌايائون. بس اهو شعر ٻڌڻ جي دير هئي، ان فوت ٿي ويل شخص جي ڌيءَ فوراً چيو: هي ٻئي ماڻهو منهنجي والد جا قاتل آهن، انهن کي فوراً پڪڙيو وڃي. بعد ۾ جڏهن تحقيق ڪئي وئي ته سڀ ثبوت ملي ويا ۽ انهن جو قاتل هجڻ ثابت ٿي ويو. ([1])
هتي غور ڪريو ته! اهو شخص ڪلام ڪرڻ ۾ ڪيترو ماهر هو ۽ ان جي ڌيءُ ڪلام کي سمجهڻ ۾ ڪيتري ماهر هئي، هن ڪهڙي طرح خفيه انداز ۾ پنهنجي قتل جو سڄو داستان هڪ مصرعي ۾ ٻڌائي ڇڏيو۽ ڇوڪِريءَ ان کي سمجهي به ورتو. اهڙن ماهر زبان دانن کي چيلنج ڪيو ويو:
فَاْتُوْا بِسُوْرَةٍ مِّنْ مِّثْلِهٖ۪-
ترجموڪنزالعرفان: ته پوءِ توهان ان جهڙي هڪ سورت ٺاهي آڻي ڏيکاريو.
پر قربان وڃجي! هي ڪلام الله پاڪ جو ڪلام آهي، هي قرآن ڪريم بي مثال ڪتاب آهي. اَهلِ عرب 23 سالن تائين اسلام جو مقابلو ڪندا رهيا، دينِ اسلام کي دنيا مان مٽائڻ خاطر هنن تن، من، ۽ ڌن جون بازيون لڳائي