• khutba bismillah

Personality Websites!

  • About Muhammad صلی اللہ علیہ وسلم
  • Abdul Qadir Jilani رحمۃ اللہ علیہ
  • Imam Ahmed Raza رحمۃ اللہ علیہ
  • Maulana Ilyas Qadri
  • Haji Ubaid Raza
  • Mufti Qasim Attari

Countries Websites

  • Pakistan
  • USA
  • Canada
  • UK
  • Korea
  • Australia
  • Bangladesh

Popular Websites

  • Hajj and Umrah
  • Darul Ifta Ahlesunnat
  • Al Quran Karim
  • Obligatory Knowledge
  • Islamic Sisters
  • New Muslim
  • Special Persons
  • Muslim Funeral
  • Tree Plantation
  • Build Masajid
  • Faizan Online Academy
  • Monthly Magazine
  • Rohani Ilaj
Al Quran Books Madani Channel
dawateislami logo
Magazine Courses Media
Donate
    Donate
    • Home arrow icon
    • Islamic Speeches arrow icon
    • قرآن بي مثال ڪتاب آهي arrow icon
    • page 7
    book-logo
    book_icon
    قرآن بي مثال ڪتاب آهي
    Share
    close

    Share this link via

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    داني تي وڏو ناز هو، ايسيتائين جو اُهي پاڻ کان سواءِ سڀني قومن کي عجمي سڏيندا هئا، يعني انهن جو اهو خيال هو ته اصل ۾ ڪلام ڪرڻ ته اسان کي ئي ايندو آهي، باقي سڀ ته گونگا آهن، جهڙي شاعري اسان ڪيون ٿا، تهڙي شاعري ٻيو ڪو به نه ٿو ڪري سگهي، جنهن انداز ۽ جنهن ڍنگ سان اسان ڳالهائڻ ڄاڻون ٿا، اهڙي نموني دنيا جي ڪا به قوم ڪلام نه ٿي ڪري سگهي.

    اَهلِ عرب جو ٻار ٻار وڏو ڪمال جو شاعر ۽ زبان دان هوندو هو. تاريخ ۾ سندن زبان داني جا اهڙا اهڙا واقعا آهن جو عقل حيران ٿي ويندو آهي. هڪ ڀيرو هڪ عربي سفر ۾ هو، ان جا ٻه دوست به ساڻس گڏ هئا، ان وٽ ڪافي قيمتي سامان هو، رستي ۾ ٻنهي دوستن جي نيت ۾ فتور آيو ۽ هنن کيس قتل ڪري ان جي قيمتي سامان تي قبضو ڪري ورتو. جڏهن اهو شخص مرڻ لڳو ته هن هڪ شعر پڙهيو ۽ کين چيائين ته هي شعر منهنجي گهر وارن کي ٻڌائجو. هاڻي هِي ٻئي دوست ان جي گهر پهتا، مرڻ واري جي گهر وارن کي ٻڌايائون ته اوهان جو ماڻهو رستي ۾ فوت ٿي ويو هو، هي ان جو ڪجهه سامان آهي، اهو رکي ڇڏيو، ساڳئي وقت اهو شعر به کين ٻڌايائون. بس اهو شعر ٻڌڻ جي دير هئي، ان فوت ٿي ويل شخص جي ڌيءَ فوراً چيو: هي ٻئي ماڻهو منهنجي والد جا قاتل آهن، انهن کي فوراً پڪڙيو وڃي. بعد ۾ جڏهن تحقيق ڪئي وئي ته سڀ ثبوت ملي ويا ۽ انهن جو قاتل هجڻ ثابت ٿي ويو. ([1])

    هتي غور ڪريو ته! اهو شخص ڪلام ڪرڻ ۾ ڪيترو ماهر هو ۽ ان جي ڌيءُ ڪلام کي سمجهڻ ۾ ڪيتري ماهر هئي، هن ڪهڙي طرح خفيه انداز ۾ پنهنجي قتل جو سڄو داستان هڪ مصرعي ۾ ٻڌائي ڇڏيو۽ ڇوڪِريءَ ان کي سمجهي به ورتو. اهڙن ماهر زبان دانن کي چيلنج ڪيو ويو:

    فَاْتُوْا بِسُوْرَةٍ مِّنْ مِّثْلِهٖ۪-

    ترجموڪنزالعرفان: ته پوءِ توهان ان جهڙي هڪ سورت ٺاهي آڻي ڏيکاريو.

    پر قربان وڃجي! هي ڪلام  الله  پاڪ جو ڪلام آهي، هي قرآن ڪريم بي مثال ڪتاب آهي. اَهلِ عرب 23 سالن تائين اسلام جو مقابلو ڪندا رهيا، دينِ اسلام کي دنيا مان مٽائڻ خاطر هنن تن، من، ۽ ڌن جون بازيون لڳائي


     

     



    [1]...طبقات الشافعیۃ الکبریٰ،مقدمۃ،جلد:1،صفحہ:279خلاصۃً۔

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    BOOK TOPIC

    left-arrow
    • درودِ پاڪ جي فضيلت
    • غير مسلمن کي چيلينج
    • آيتِ ڪريمه مان سکڻ واريون ڳالهيون
    • قرآن نعتِ مصطفيٰ آهي
    • قرآن جهڙو ڪو به ڪتاب نه آهي
    • تنهنجي اڳيان ائين ئي دَٻيل گهٻرايل
    • قرآن جي حق ۾ شاهدِيُون
    • قرآن ڪريم جون ڪجهه اهم خاصيتون
    • قرآن پاڪ ۾ جامعيت آهي
    • اَلحَمد لفظ جي تفسير
    • غير مسلم ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويو
    • قرآن اثر ڪرڻ وارو ڪلام آهي
    • قرآن ڪريم جي ڪجهه حقن جو بيان
    • تِلاوت قرآن جون فضيلتون
    • دعوتِ اسلامي ۽ خِدمتِ قرآن
    • ماهوار فيضانِ مدينه ايپلي ڪيشن
    • صحيح ڇا آهي؟
    • اَسمَاءُ الحسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)
    footer logo

    Dawateislami is one of the great Islamic organizations in the world.

    Important

    • Social and Welfare
    • Books
    • Islamic Events
    • Magazine
    • Activities
    • Islamic Education

    Mobile Apps

    • Sirat ul Jinan
    • Al Quran ul Kareem
    • Prayer Times
    • Faizan e Hadees
    • Digital Services
    • Kalma & Dua

    Contact Us

    • phone (+92) 21-34921388-93
    • phone (+92) 21-111-25-26-92
    • emial support@dawateislami.net
    • pin location Global Madani Markaz, Faizan-e-Madina, Near Capital Telephone Exchange, Main University Road, Karachi, Pakistan

    ©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami