Quran be Misl Kitab Hai

Book Name:Quran be Misl Kitab Hai

دفعي قرآن ڪريم جي مقابلي ۾ ڪجهه لکڻ شروع ڪيو. هڪ ڏينهن سندس گُذَر ڪنهن مدرسي جي ڀرسان ٿيو جتي هڪ ٻار هيءَ آيت پڙهي رهيو هو: 

وَ قِیْلَ یٰۤاَرْضُ ابْلَعِیْ مَآءَكِ وَ یٰسَمَآءُ اَقْلِعِیْ وَ غِیْضَ الْمَآءُ وَ قُضِیَ الْاَمْرُ وَ اسْتَوَتْ عَلَى الْجُوْدِیِّ وَ قِیْلَ بُعْدًا لِّلْقَوْمِ الظّٰلِمِیْنَ(۴۴)

(پارو: 12، هود: 44)

ترجموڪنزالعرفان:  ۽ حڪم فرمايو ويو ته اي زمين! پنهنجو پاڻي ڳِيهِي وڃ ۽ اي آسمان! بِيهِي وڃ ۽ پاڻي خُشڪ ڪيو ويو ۽ ڪم پورو ٿي ويو ۽ اها ٻيڙي جُودي جبل تي بيٺي رهي ۽ فرمايو ويو: ظالمن لاءِ دُورِي آهي.

 ابن مقفع هيءَ آيت ٻڌي ته حيران ٿي ويو، فوراً واپس موٽي آيو ۽ جيڪو ڪجهه لکيو هئائين اهو سڀ مٽائي ڇڏيائين ۽ چيائين: مان گواهي ڏيان ٿو ته هن ڪتاب جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي، هي انسان جو ڪلام نه آهي. ([1]) * يحيٰ بن حڪم اَلۡغَزال، جيڪو ٻي يا ٽين صديءَ جو تمام وڏو شاعر هو، هن به هڪ دفعو قرآن ڪريم جو مقابلو ڪرڻ جو ارادو ڪيو. هن سوچيو ته سورة الاخلاص جي مقابلي ۾ ڪجهه لکان، اهڙي ارادي سان جڏهن هُن سورة الاخلاص پڙهي ته ان تي هيبت طاري ٿي وئي ۽ ان توبه ڪري ورتي. ([2])

* امام محمد بن مسلم نحوي بيان ڪن ٿا ته: هڪ ڏينهن اسان اعجازِ قرآن (يعني قرآن جي معجزو هئڻ) بابت ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين، اتي هڪ فاضل شيخ به موجود هو. هن چيو: آخرڪار قرآن ڪريم ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي جو ڪو به ان جو مقابلو نه ڪري سگهيو آهي؟ مان صرف ٽن ڏينهن ۾ ان جي مقابلي ۾ ڪلام لکندس. پوءِ هو ڪاغذ ۽ قلم کڻي هڪ بالاخاني ۾ هليو ويو. ٽي ڏينهن گذرڻ کان پوءِ جڏهن ڪمري جو دروازو کوليو ويو ته ماڻهن ڏٺو ته سندس هٿ قلم تي سڪي چڪو هو (يعني هو ٽن ڏينهن جي سوچ ويچار کان پوءِ به هڪ لائين به نه لکي سگهيو هو) ([3])

* حضرت ابوذر غفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ مشهور صحابي آهن. سندن هڪ ڀاءُ


 

 



[1]...شرح الزرقانی،المقصد الرابع فی معجزاتہ ...الخ،جلد:6،صفحہ:444ملتقطًا۔

[2]...سیرتِ رسولِ عربی  صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم  ،صفحہ:387 بتغیر قلیل۔

[3]...حجۃ اللہ علی العالمین فی معجزات  سید المرسلین ، الفصل الثانی فی بیان وجوہ اعجازہ،صفحہ:228ملتقطًا۔