Book Name:Khof Aur Ummeed
جي آمدني گهٽ ڇا ٿي ته دل پريشان ٿي ويندي آهي. * بيمار ٿي پيا ته مايوسي. * ڪا پريشاني اچي ته مايوسي * مصيبت اچي ته مايوسي * اسان جا نوجوان امتحان ۾ فيل ٿي وڃن ته مايوس ٿي ويندا آهن * ڪجھ نادان ته مايوسي جي کڏ ۾ ايئن ڪرندا آهن جو تنگدستي، غربت، پريشاني ۽ امتحان وغيره ۾ ناڪامي کان مايوس ٿي ڪري خودڪشي ڪري ڇڏيندا آهن.
الله پاڪ محفوظ فرمائي. الله پاڪ جي رحمت کان هرگز مايوس نه ٿيڻ گهرجي. مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضي رَضِىَ اللهُ عَنْه کان پڇيو ويو: سڀني کان وڏو گناھ ڪهڙو آهي؟ فرمايائون: الله پاڪ جي خفيه تدبيرکان بي خوفي ۽ ان جي رحمت کان مايوس ٿي وڃڻ.[1]
میں نے مانا کہ حامِد گنہگار ہے مَعْصِیَت کیش ہے اور خَطا کار ہے
میرے مولیٰ مگر تُو تَو غَفَّار ہے کہتی رحمت ہے مجرِم سے لَاتَقْنَطُوْا
اللہ ٗ اللہ ٗ اللہ ٗ اللہ ٗ ([2])
(2) دنيا ۾ زُهد اختيار ڪيو....!
الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْمِ ۙ(۲) (پارہ:1 ،سورۂ فاتحہ:2) ترجموڪنزالعرفان: نهايت مهربان رحمت وارو.
هن آيت ڪريمه تي عمل جي حوالي سان هڪ مدني گُل علامه محمد يُوسف سَنُوسي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ذڪر فرمايو، سندن جي ارشادن جو خلاصو آهي: الله پاڪ پنهنجون ٻه صفتون، صفت رحمٰن ۽ صفت رحيم کي گڏ ذڪر فرمايو، روايتن جي مطابق صفت رحمٰن جو تعلق دنياوي نعمتن سان آهي ۽ صفت