Khof Aur Ummeed

Book Name:Khof Aur Ummeed

رحمت جو حقدار ڪير

۽ رحمت ڪنهن کي ملندي..؟ الله پاڪ فرمائي ٿو:

رَحْمَتَ اللّٰہِ قَرِیْبٌ مِّنَ الْمُحْسِنِیْنَ (۵۶) (پارہ:8 ،سورۂ اعراف:56)

ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ الله جي رحمت نيڪوڪارن جي ويجهو آهي.

يعني الله پاڪ جي رحمت چاهيو ٿا ته نيڪ بڻجو ۽ نيڪ ماڻهن جي صحبت ۾ رهو ڇوته نيڪي ۽ نيڪ ماڻهو الله پاڪ جي رحمت جو دروازو آهن.[1]

انسان دنيا ۾ دڪاندار  آهي

   صوفي  سڳورا فرمائن ٿا: انسان هن دنيا ۾ ڄڻ دڪاندار آهي، زندگي ان جي دڪان آهي ۽ ان جا عمل اهو وکَر آهي جيڪو هي وڪڻندو آهي. جيڪڏهن عمل چڱا آهن ته ان جو خريدار ربّ ذوالجلال آهي ۽ ان جي قيمت جنت آهي. جيڪڏهن ان جا عمل بُرا آهن ته ان جو خريدار شيطان آهي ۽ قيمت دوزخ آهي.[2]

لهٰذا جيڪو الله پاڪ جي رحمت ۽ جنت جو طلبگار آهي، اهو پنهنجا عمل چڱا ڪري، ان شاءالله الڪريم! قيامت جي ڏينهن ربّ رحمٰن و رحيم جي رحمت به نصيب ٿيندي، مصطفيٰ جان رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شفاعت به ملندي ۽ الله پاڪ چاهيو ته جنت ٺڪاڻو ٿيندي.

باغِ جنّت میں مُحَمَّد مسکراتے جائیں گے

پھول رحمت کے جھڑیں گے، ہم اُٹھاتے جائیں گے

  

 


 

 



[1] تفسیرِ نعیمی ،پارہ:8 ،سورۂ اعراف، زیرِ آیت:56 ،جلد:8 ،صفحہ:541   بتغیر قلیل

[2] تفسیر نعیمی،پارہ:2 ،سورۂ بقرہ ، زیرِ آیت:204 تا 206 ،جلد:2 ،صفحہ:337 بتغیر قلیل