Khof Aur Ummeed

Book Name:Khof Aur Ummeed

رحمٰن به آهي، رحيم به آهي، ان جي رحمتن جي ڪا انتها ناهي، هاڻي فرمايو:

                                               مٰلِکِ یَوْمِ الدِّیْنِ ؕ(۳)

هو جزا جي ڏينهن جو مالڪ به آهي ان جي رحمت تي آسرو ڪري  بي لغام نه ٿي وڃو. بلڪه ياد رکو * هن دنيا کان بعد به هڪ جهان آهي * مرڻ کان پوءِ اسان کي اٿاريو ويندو * سج سوا ميل تي رهي ڪري باھ وسائي رهيو هوندو. هي 50 هزار سال جو ڏينهن هوندو جنهن کي يُومِ الدّين يعني جزا جو ڏينهن  چيو ويندو آهي ان ڏينهن عدل قائم ٿيندو. دنيا ۾ عارضي طور تي ٻانهن کي به حڪومت ۽ اختيار ڏنا ويا آهن اُتي صرف الله پاڪ ئي مالڪ هوندو. هن دنيا ۾ جُرم کان بچڻ جا کوڙ رستا آهن. * جيڪو ڏوڪڙ پيسي وارو آهي، اهو رشوت ڏئي عدل ۽ انصاف خوف ڪري ڇڏي ٿو. * جيڪو تيز زبان وارو آهي، اهو ابتا سبتا دليل ڏئي ڪري بچڻ جي راھ ڪڍي وٺندو آهي. * ڪو ناجائز سفارش جي ذريعي سزا کان بچي ويندو آهي پر هڪ ڏينهن اچڻ وارو آهي. * اُتي رشوتون ڪم نه اينديون. * اُتي چالاڪي، ابتا سبتا دليل نه هلندا. * بهانا ڪم نه ايندا، اُتي عدل ٿيندو، انصاف ٿيندو. الله پاڪ فرمائي ٿو:

یَوَدُّ  الْمُجْرِمُ لَوْ  یَفْتَدِیْ مِنْ عَذَابِ یَوْمِئِذٍۭ بِبَنِیْہِ (ۙ۱۱) وَ صَاحِبَتِہٖ وَ اَخِیْہِ (ۙ۱۲)

وَ فَصِیْلَتِہِ الَّتِیْ تُــْٔوِیْہِ (ۙ۱۳)وَ مَنْ  فِی الْاَرْضِ جَمِیْعًا ۙ ثُمَّ  یُنْجِیْہِ (ۙ۱۴)

ترجموڪنزالعرفان: مجرم آرزو ڪندو، ڪاش! ان ڏينهن عذاب کان ڇوٽڪاري جي عيوض پنهنجا پٽ ڏئي ڇڏي ۽ پنهنجي گهر واري ۽ پنهنجا ڀائر ۽ پنهنجو اهو ڪٽنب جيڪو ان کي پناھ ڏي ٿو. ۽ جيترا ماڻهو زمين ۾ آهن سمورا پوءِ اهو (بدلو ڏيڻ) ان کي بچائي وٺي. (پارہ:29، سورۂ معارج:11 تا 14)

      يعني اُن ڏينهن مجرم چاهيندو ته مون کان فديو وٺي ڪري مون کي ڇڏيو وڃي، منهنجا پٽ، منهنجا ڀائر، منهنجا دوست، منهنجو سڄو ڪٽنب ايستائين جو دنيا جو سڄو مال ۽ دولت وٺي ڪري مون کي عذاب کان نجات ڏني وڃي پر