Khof Aur Ummeed

Book Name:Khof Aur Ummeed

کَلَّا ؕ اِنَّہَا  لَظٰی (ۙ۱۵) نَزَّاعَۃً   لِّلشَّوٰی  (ۚۖ۱۶)(پارہ:29، سورۂ معارج:15 ،16)

ترجمو ڪنزالعرفان:  هرگز نه، اها ته ڀڙڪندڙ باھ آهي.

عضوا شاهدي ڏيندا

روايتن ۾ اچي ٿو: قِيامت جي ڏينهن هڪ شَخص کي بارگاھ خداوندي ۾ آندو ويندو۔ ان کي سندس اَعمال نامو ڏنو ويندو ته هو ان ۾ کوڙ گناھ ڏسندو. پوءِ عَرض ڪندو: يااِلاهي! مون هي گناھ ڪيا ئي نه آهن؟ الله پاڪ اِرشاد فرمائيندو: مون وٽ هن جا مضبوط گواھ  آهن۔ اهو ٻانهو پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ڏسندو پر ڪنهن گواھ کي ڏسي نه سگھندو ۽ چوندو: يا ربّ! اهي گواھ ڪٿي آهن؟ ته الله ڪريم ان جي عضون کي شاهدي ڏيڻ جو حڪم ڏيندو. ڪَن چوندا: ها! اسان (حرام)  ٻڌو ۽ اسان هن تي گواھ آهيون۔ اکيون چونديون: ها! اسان (حرام)  ڏٺو۔ زبان چوندي: ها! مون (حرام) ڳالهايو هو۔ اهڙي طرح هٿ ۽ پير چوندا: ها! اسان (حرام) ڏانهن وڌيا هئاسين۔ [1]

الله اڪبر! غور فرمايو!  جڏهن پنهنجا عضُوا، هٿ، پير، اک، زبان وغيره ئي پنهنجي خلاف شاهدي ڏيڻ لڳن ته ٻڌايو! باقي بچڻ جي راھ ڪهڙي هوندي..؟؟       ان ڪري قيامت جو ڏينهن سخت هولناڪ ڏينهن آهي، اُتي حساب ڏيڻ آسان ناهي، نهايت مشڪل آهي. قيامت جي ڏينهن صرف ٻه سهارا هوندا: الله پاڪ جي رحمت نصيب ٿي وڃي يا ان جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نظر شفاعت ملي وڃي.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                          صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

 


 

 



[1] معجم کبیر ،جلد:4 ،صفحہ: 287 ،حدیث:7567 ۔ملخصاً