Book Name:Khof Aur Ummeed
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ فرمائي ٿو
مٰلِکِ یَوْمِ الدِّیْنِ ؕ(۳) (سيپارو: 1، سورة فاتحه: 2،3)
ترجموڪنزالعرفان: جزا جي ڏينهن جو مالڪ.
هن هنڌ يَومِ الدين يعني جزا جي ڏينهن مان مراد قيامت ئي جو ڏينهن آهي، تقريباً سڀني مفسرن هن جي هي ئي معنيٰ بيان ڪئي آهي. باقي علامه بُقاعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن هنڌ هڪ ٻي معنيٰ جي طرف ڌيان ڇڪايو آهي، پاڻ فرمائن ٿا: حقيقت ۾ يوم الدين جي معنيٰ آهي: جزا جو ڏينهن (۽ ضروري ناهي ته هي ڏينهن قيامت جو ئي هجي) ڇوته گناھ جي سزا مُتاخر ناهي ٿيندي بلڪ جيئن ئي ٻانهو گناھ ڪندو آهي، ان جي سزا جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: بيشڪ مؤمن جڏهن گناھ ڪندو آهي ته ان جي دل تي هڪ ڪارو نقطو لڳايو ويندو آهي. [1] (هي سزا جو سلسلو جيڪو گناھ ڪندي ئي شروع ٿي ويو)، اُنهي بُرائي جو نتيجو (جيڪو تنگدستي، غربت، محتاجي، مشڪلات، حادثن وغيره جي صورت ۾) دنيا ۾ ٻانهي کي پيش ايندو آهي، اهو به اُنهي گناھ ئي جي سزا آهي، اهڙي طرح غم، پريشاني، بي چيني، بي سُڪوني وغيره هي سڀئي گناھن جون سزائون آهن ۽ انهن سڀني جو مالڪ صرف ۽ صرف الله پاڪ آهي. [2]
پيارا اسلامي ڀائرو! ٻانهو پنهنجي عملن تي اختيار رکي ٿو پر ان جي انجام جو مالڪ ناهي، اسان کاڌو کائي سگهون ٿا پر اهو ئي کاڌو پيٽ ۾ وڃي طاقت جو ذريعو بڻبو يا زهر بڻجي اسان کي موت جي طرف وٺي ويندو، ان جا مالڪ