Book Name:Khof Aur Ummeed
رحمٰن ۽ رحيم هي ٻئي الفاظ لفظ رَحۡم مان بڻيا آهن. رَحۡم جي معنٰي آهي: مهرباني ڪرڻ، فضل ۽ احسان ڪرڻ. [1] علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: الله پاڪ پنهنجي بي پناھ رحمتن جي بيان جي لاءِ پنهنجين ٻه صفتن (رحمٰن ۽ رحيم) کي ذڪر فرمايو. هن ۾ اشارو آهي ته الله پاڪ جي رحمت سندس غضب تي حاوي آهي. [2] حديث قدسي ۾ آهي: سَبَقَتْ رَحْمَتِی غَضَبِی يعني منهنجي رحمت منهنجي غضب تي سبقت رکي ٿي.[3]
سَبَقَتْ رَحْمَتِی عَلٰی غَضَبِیْ جب سے تُو نے سنا دیا یا رَبّ!
آسرا ہم گناہگاروں کا اور مضبوط ہو گیا یا رَبّ!([4])
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد
الله پاڪ جي بي پناه رحمتن جو بيان
حديث جي مشهور ڪتابن بخاري شريف ۽ مسلم شريف جي روايت ۾ آهي، رحمت دوعالم، سرور ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: الله پاڪ جون 100 رحمتون آهن، انهن مان صرف هڪ رحمت الله پاڪ جنّن، انسانن، جانورن ۽ ڪيڙن مڪوڙن وغيره ۾ لاٿي، انهي سبب هي پاڻ ۾ هڪٻئي تي رحم ڪن ٿا. [5] يعني هن دنيا ۾ جتي به، جنهن انداز سان به رحمت، ڀائيچاري، احسان ۽ مهرباني جا رويّا موجود آهن، اهو سڀئي الله پاڪ جي صرف هڪ قِسم جي رحمت جو اثر آهي. * ماءُ پنهنجي ٻارن سان پيار ڪندي آهي، هي به انهيءَ رحمت الٰهي جو ظهور آهي * پيءُ جي دل ۾ پنهنجي ٻارن جي لاءِ شفقت آهي،