Khof Aur Ummeed

Book Name:Khof Aur Ummeed

اسان نه، الله پاڪ آهي، ٻانهو نيڪي ڪري يا گناھ، هي ان جي اختيار ۾ آهي، جڏهن ٻانهي ڪو گناھ ڪيو، ڄڻ هي هڪ تير هو جيڪو مياڻ مان نڪري ويو، هاڻي ان جو نتيجو نڪرندو ۽ نتيجو نڪرڻ جي ڏينهن جو مالڪ الله پاڪ آهي، ڪو وڏي کان وڏو سيٺ، مالدار، طاقت ۽ قوت وارو بادشاھ گناهن جي نتيجي کي روڪڻ جي طاقت نٿو رکي،  ڇو....؟ انڪري جو

مٰلِکِ یَوْمِ الدِّیْنِ ؕ(۳)

يعني جزا جي ڏينهن جو مالڪ الله آهي. ٻانهي کي هن تي ڪو اختيار ناهي.

گناه وساريو ناهي ويندو

الله پاڪ جي آخري نبي رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جو فرمان عبرت نشان آهي: اَلْبِرُّ لا يبْلَي وَالاِ ثْمُ لا يُنْسَي وَالدَّيانُ لَا يمُوتُ فَکنْ کمَا شِئْتَ کمَا تَدِينُ تُدَانُ يعني نيڪي پرُاڻي ناهي ٿيندي ۽ گناھ وساريو ناهي ويندو، جزا ڏيڻ وارو (يعني الله پاڪ) ڪڏهن فنا نه ٿيندو، تنهنڪري جيڪو چاهيو بڻجي وڃو، توهان جهڙو ڪندؤ تهڙو ڀريندؤ.[1] 

ڪهڙا ته سبق آموز ۽ دل تي اثر ڪندڙ لفظ آهي: نيڪي ڪڏهن به پراڻي ناهي ٿيندي ۽ گناھ وساريو ناهي ويندو.

فقير کي ڌڪارڻ وارو پاڻ فقير بڻجي ويو

شيخ سعدي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نقل فرمائن ٿا: هڪ نيڪ دِل شخص هو، الله پاڪ ان کي گھڻي مال ۽ دولت سان نوازيو هو، مال داري سان گڏوگڏ هو وڏو همدرد، نرم دِل ۽ سخي به هو، غريبن فقيرن جي مدد ڪرڻ ۾ ان کي گھڻي خوشي ملندي هئي، اهو ئي سبب هو جو ان جي دروازي تي غريبن، فقيرن جي رش لڳل رهندي هئي، هڪ ڀيري رات جي وقت هڪ فقير ان جي دروازي تي صَدا لڳائي، اُن امير شخص پنهنجي هڪ غُلام کي موڪليو ته وڃ! فقير جي


 

 



[1] مصنف عبدالرزاق، جلد:10، صفحہ:189،حدیث:20430۔