Khof Aur Ummeed

Book Name:Khof Aur Ummeed

ضرورت پُوري ڪر۔ غُلام جيئن ئي دروازو کوليو، فقير تي ان جي نظر پئي ته ان جي دانهن نڪري وئي ۽ بي اختيار ان جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا، ان امير شخص جڏهن پنهنجي غلام کي غمگين ڏٺو ته ان جو سبب پڇيائين، غُلام عرض ڪيو: عالي جاھ! اوهان جي غُلامي ۾ اچڻ کان پهريان مان هڪ ٻي امير شخص جي غُلامي ۾ هئس، اهو وڏو مالدار هو، هڪ ڀيري ان جي دروازي تي هڪ فقير صدا لڳائي، ان مالدار شخص فقير جي مدد ڪرڻ جي بدران مال و دولت جي نشي ۾ اچي ان فقير کي گھڻو ذليل ڪيو ۽ غُلامن جي ذريعي اُن فقير کي ڌڪا ڏياري ٻاهر ڪڍي ڇڏيو۔ بس اهو ڏينهن هو جو ان مالدار شخص جا بُرا ڏينهن شروع ٿيا، ٿوري ئي عرصي ۾ اُن جو حال بي حال ٿي ويو، محتاجي، تنگدستي ۽ غربت جو شڪار ٿي ويو، دوست احباب سڀئي ڇڏي ويا، اي منهنجا آقا! هاڻي جيڪو فقير دَروازي تي آيو هو، هي اهو ئي منهنجو پهريان وارو مالِڪ هو، ان جي اها حالت ڏسي منهنجي رڙ نڪري وئي ۽ اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا۔ غُلام جي اها سڄي ڳالھ ٻڌي نيڪ دِل آقا چيو: ڇا مان توهان کي ان کان به وڌيڪ حيرت واري ڳالھ نه ٻڌايان...! اهو فقير جنهن کي توهان جي اڳوڻي مالِڪ ڌڪا ڏئي ڪڍرايو هو، اهو فقير ٻيو ڪو نه بلڪه مان ئي هئس، اڄ ڏسو ته وقت ڪيئن بدليو جو قدرت ان کي منهنجي ئي دروازي تي خيرات گھرڻ جي لاءِ بيهاري ڇڏيو۔([1]

جے چَاہْوَیْں تَے راہ جانْدَے نُوں تخت عطا فرماوَیْں

جے چاہْوَیْں تے شاہاں کَوْلوں دَرْ دَرْ خَیْر مَنْگَاوَیْں

وضاحت: اي الله پاڪ تون بي نياز آهين، تون چاهين ته غريبن فقيرن کي تخت عطا فرمائي ڇڏين ۽ تون چاهين ته بادشاهن کي فقير بڻائي ڇڏين۔

  اتنا مغرور نہ بن سامنے تاریخ بھی رکھ                                                         بانٹنے والا بھی خیرات  پہ آ سکتا ہے

پيارا اسلامي ڀائرو!  هي دنيا مڪافات عمل آهي، اسان جيڪو ڪنداسين، اهو