Book Name:Khof Aur Ummeed
تم سے جہاں کا نِظام تم پہ کروروں سلام تم پہ کروروں ثَنا تم پہ کروروں درود
نافِع و دافِع ہو تم شافِع و رافِع ہو تم تم سے بس اَفزوں خُدا تم پہ کروروں درود ([1])
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله ُعَلٰي مُحَمَّد
سورة فاتحه، آيت: 2 ۽ 3 جي وضاحت
الله پاڪ فرمائي ٿو:
الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْمِ ۙ(۲) مٰلِکِ یَوْمِ الدِّیْنِ ؕ(۳) (سيپارو: 1، سورة فاتحه: 2،3)
ترجموڪنزالعرفان: نهايت مهربان ۽ رحمت فرمائڻ وارو جزا جي ڏينهن جو مالڪ.
سورت فاتحه جي پهرين آيت ڪريمه ۾ اسان کي الله پاڪ جي حمد ۽ ثناء جو حڪم ڏنو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته الله پاڪ رَبُّ العالمين آهي، اهو ئي تمام جهانن جو خالق به آهي، مالڪ به آهي ۽ اهو ئي تمام جهانن کي پالڻ وارو به آهي. هاڻي سورت جي آيت: 2 ۽ 3 ۾ الله پاڪ جي بي پناھ رحمت ۽ هن ڳالھ جو بيان آهي ته الله پاڪ جزا جي ڏينهن جو مالڪ به آهي.
قرآن ڪريم ۾ اڪثر هنڌن تي هي حڪمت ڀريو انداز اپنايو ويو آهي ته جتي ربّ ڪائنات جي بي پناھ رحمتن جو ذڪر ٿيندو آهي، ان سان گڏ ئي الله جي عذاب، ان جي غضب ۽ ان جي پڪڙ جو به ذڪر ڪيو ويندو آهي، مثلاً هڪ مقام تي الله پاڪ بشير ۽ نذير آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي فرمايو: