Book Name:Khof Aur Ummeed
نَبِّیْٔ عِبَادِیْۤ اَنِّیْۤ اَنَا الْغَفُوْرُ الرَّحِیْمُ (ۙ۴۹)وَ اَنَّ عَذَابِیْ ھُوَ الْعَذَابُ الْاَلِیْمُ (۵۰)
(سيپارو: 14 سورة حجر: 49،50)
ترجموڪنزالعرفان: منهنجي ٻانهن کي خبر ڏيو ته بيشڪ مان ئي بخشڻهار مهربان آهيان ۽ بيشڪ منهنجو ئي عذاب دردناڪ آهي.
قرآن ڪريم جي هن مبارڪ طرز مان هيءَ خبر پوي ٿي ته هڪ مسلمان کي الله پاڪ جي رحمت ۾ اميد رکڻ به ضروري ۽ هن سان گڏوگڏ ان جي غضب ۽ خُفيه تدبير کان خوف زده رهڻ به لازم ۽ ضروري آهي. حُجَّةُالاسلام امام محمد غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي ڪتاب منهاج العابدين ۾ خوف ۽ اُميد کي ”عَقۡبَةُالۡبَواعِثۡ“ جو نالو ڏنو آهي يعني خوف ۽ اُميد اهي شيون آهن جيڪي انسان کي عبادت تي اڀارينديون آهن. انهي ڪري هڪ نيڪ عبادت گذار، سٺو مسلمان بڻجڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اسان الله پاڪ جي رحمت کان اميد به رکون ۽ ان جي خفيه تدبير کان، ان جي غضب کان خوفزده به رهون.
سورت فاتحه جيڪا سڄي قرآن پاڪ جو خلاصو آهي، اُن ۾ به اهو انداز رکيو ويو. الله پاڪ پنهنجي بي پناھ رحمتن جو به ذڪر فرمايو ۽ گڏوگڏ ئي هي به ٻڌايو ته اهو روز جزا جو مالڪ به آهي، تنهنڪري اُن جي پڪڙ، ان جي بارگاھ ۾ پيشي جو خوف به ڪندا رهو.
جيئن ته پنهنجي بي پناھ رحمتن جو ذڪر ڪندي ربّ ڪريم فرمايو:
الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْمِ ۙ(۲) ترجموڪنزالعرفان: نهايت مهربان رحمت وارو