Book Name:Khof Aur Ummeed
هي به انهيء رحمت جو ظهور آهي * جهرڪي پنهنجي چهنب ۾ داڻو کڻي ڪيئي ميل اڏامندي آهي، آکيري ۾ پهچي پنهنجي ٻار جي وات ۾ داڻو وجهندي آهي، هي پيار محبت، هي ايثار ۽ قرباني جو جذبو به انهي رحمت الٰهي جو ئي ظهور آهي. * ايستائين جو وحشي جانور، شينهن، چيتو وغيره جن جو ڪم ئي چيرڦاڙ ڪرڻ آهي، اهي به پنهنجي ٻارن تي مهربان هوندا آهن، هي سڀئي انهيء رحمت جو ظهور ٿي رهيو آهي
رنج و آلام کو ٹالتا ہے خُدا بےسہاروں کو پالتا ہے خُدا
بھر کے سُورج میں نُور کی کرنیں خاکداں کو اُجَالتا ہے خُدا
اپنے نُورِ کرم سے انساں کو تِیرگی سے نکالتا ہے خُدا
قيامت جي ڏينهن 100 رحمتن جو ظهور ٿيندو
رحمت للعالمين، جناب صادق و اَمين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو؛ هن دنيا ۾ الله پاڪ پنهنجي 100 رحمتن مان صرف هڪ رحمت لاٿي آهي، قيامت جي ڏينهن الله پاڪ پنهنجون 100 مان 100 رحمتون پوريون ڪري ڇڏيندو.[1]
الله اڪبر! اي عاشقان رسول! غور فرمايو! جڏهن هڪ رحمت جو هي اثر آهي جو ماءُ پنهنجي ٻارن جي لاءِ جان تائين قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي ويندي آهي ته اُنهن سؤ رحمتن جو اثر ڇا هوندو.....؟
مسلم شريف جي روايت ۾ آهي: آخري شخص جيڪو جنت ۾ داخل ٿيندو، اهو ڪڏهن هلندو، ڪڏهن ڪِرندو، ڪڏهن باھ اُن کي ساڙيندي، آخرڪار هي باھ کان نجات ماڻي جنت ۾ داخل ٿيندو، هاڻي هن جي سامهون هڪ خوبصورت وڻ ظاهر ٿيندو، (قريب ئي هڪ پاڻي جو چشمو جاري ٿيندو). ٻانهو عرض ڪندو: موليٰ مون کي هن وڻ جي ويجهو ڪري ڇڏ، مان ان جي سايي ۾ ويهان، اُتان