Khof Aur Ummeed

Book Name:Khof Aur Ummeed

جي چشمي مان پاڻي پيان. ربّ ڪريم فرمائيندو: جيڪڏهن هي عطا ڪيو وڃي ته تون ٻيو گهرندين؟ ٻانهو عرض ڪندو ته موليٰ هن کان سواء ڪجھ نه گهرندس، جيئن ته ان کي وڻ جي ويجهو ڪيو ويندو، هي ان جي سايي ۾ ويهندو چشمي جو پاڻي پيئندو. هاڻ هن کي پهرين وڻ کان وڌيڪ خوبصورت وڻ نظر ايندو،  سندس دل ۾ پيدا ٿيندي، صبر نه ٿي سگهندو، مالڪ ڪريم جي بارگاھ ۾ عرض ڪندو: موليٰ هن وڻ جي ويجهو ڪري ڇڏ. الله پاڪ فرمائيندو: اي ابن آدم! تو وعدو ڪيو هو ته وڌيڪ ڪجھ نه گُهرندين. ٻانهو ٻيهر وعدو ڪندو: موليٰ (هڪ ڪرم ٻيو ڪيو)، هن کان بعد ڪجھ نه گهرندس. اُن جي عرض قبول ڪئي ويندي ۽ کيس ٻي وڻ جي سايي ۾ پهچايو ويندو، هي هتي ويهندو، چشمي جو پاڻي پيئندو، هاڻي ان کي جنت جي دروازي جي ويجهو هڪ وڻ نّظر ايندو، جيڪو پهرين ٻن وڻن کان وڌيڪ حسين هوندو، ان جي دل لالچ تي اڀاريندي، صبر نه ٿي سگهندو، ٻانهو وري عرض ڪندو:  موليٰ  مون کي هن وڻ جي ويجهو ڪري ڇڏ. الله پاڪ فرمائيندو؛ تو وعدو نه ڪيو هو ته وڌيڪ ڪجھ نه گُهرندين، ٻانهو عرض ڪندو: موليٰ آخري سوال آهي، ان کان بعد ڪجھ نه گهرندس، جيئن ته ان کي ٽئين وڻ جي ڇانوَ ۾ پڄايو ويندو. هتي پهچي ڪري ان کي اهل جنت جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا، ان جي دل ۾ لالچ ٿيندي، وري عرض ڪندو: موليٰ ڪريم! مون کي جنت ۾ داخل فرماءِ.

      هڪ روايت ۾ آهي: هاڻي الله پاڪ فرمائيندو: اي ابن آدم! گُهر، تمّنا ڪر(يعني تون جيڪو ڪجھ گهرڻ چاهين ٿو، سڀئي هڪ ئي دفعي گُهر)، هاڻي ٻانهو گهرڻ شروع ڪندو (موليٰ هي به عطا ڪر، هُو به عطا فرماءِ، ايئن دعا گهرندو ويندو، گهرندو ويندو)، جڏهن پنهنجي خواهش جي مطابق سڀ ڪجھ گُهري وٺندو ته الله پاڪ ان جي  گهرڻ کان 10 ڀيرا وڌيڪ کيس عطا فرمائي ڇڏيندو. [1]

 الله الله پيارا اسلامي ڀائرو! غو فرمايو! اسان جو پيارو الله پاڪ ڪيتري قدر مهربان آهي، اُن جي رحمت ڪيتري وسيع آهي، اسان ان جو اندازو به نٿا لڳائي


 

 



[1] مسلم،کتاب الايمان ،صفحہ:91-92،حدیث:187-188 ۔ملخصاً