Khof Aur Ummeed

Book Name:Khof Aur Ummeed

ڌائڻ.[1]

وضاحت: هٿ جي هٿيلي ۽ ڪارائي جو جيڪو جوڙ آهي، ان کي سَنڌ چئبو آهي. وضو جي ابتدا ۾ ٻنهي هٿ سَنڌن تائين 3_ 3 ڀيرا ڌوئڻ سنت آهي. حديث شريف ۾ آهي: (وضو ۾) هٿ ڌوئڻ سان هٿ جا گناھ ڇڻي ويندا آهن. (مسند امام احمد ،جلد:1،صفحہ:190،حدیث:423)

اسلام ۽ هينڊ واشنگ ڊي(Handwashing Day)

  طبي حوالي سان هٿ نه ڌوئڻ سان جلد وارا مرض مثلاً چڪن پوڪس (Chiken Pox)، خسره (Measles)، خارش،  چَنۡبَل (Eczema)، هيپاٽائٽس اي (Hepatitis A)، فوڊ پوائزنگ(Food Poisoing)، هيضو(Cholera)، ۽ معدي جي بيمارين جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هڪ رپورٽ مطابق ساليانا لکين افراد هٿ نه ڌوئڻ جي ڪري مختلف بيمارين جو شڪار ٿين ٿا، انهي ڪري عالمي اداره صحت جي تحت 15 آڪٽُوبر تي سڄي دنيا ۾ Handwashing Day ملهايو ويندو آهي.

سبحٰن الله! دين اسلام تي اسان جون جانيون قربان...!!! سائنس جون هاڻي اکيون کليون آهن، اسلام صديون اڳي وضو ۾ هٿ ڌوئڻ سنت قرار ڏنو آهي.

  

الله پاڪ اسان کي سنّتن تي عمل جو جذبو نصيب فرمائي.

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                        صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد



[1] بہارِ شریعت، جلد:2، صفحہ:293بتغیر قلیل۔