Book Name:Khof Aur Ummeed
رحيم جو تعلق اُخروي انعامن سان آهي. عقلمند اهو جيڪو انهن ٻنهي صفتن جو فيضان حاصل ڪري. هن جو طريقو هيءُ آهي ته انسان دنيا جون صرف اهي ئي نعمتون اختيار ڪري جيڪي اُخروي نعمتن جو ذريعو بڻجن. مثلاً * ايمان دنيا جي عظيم ترين نعمت آهي ۽ آخرت ۾ انهي جي بدولت جنت نصيب ٿيندي. * اهڙي طرح عبادتون، نيڪ اعمال، نماز، روزو، حج، زڪوٰت ، والدين جي خدمت، نيڪ سلوڪ، چڱا اخلاق، هي اهي نعمتون آهن جيڪي آخرت ۾ ڪم اينديون. * اهڙي طرح اهي نعمتون جيڪي انهن ۾ معاون ۽ مددگار هجن، جيئن مناسب کاڌو نعمت آهي، ان سان عبادت تي قوت ملندي آهي، مناسب مقدار ۾ حلال روزي، ان کان دل پُرسڪون ۽ مطمئن رهندي آهي ۽ انسان اطمينان سان عبادت ڪري سگهي ٿو، مطلب ته: دنيا ۾ ٻه طرح جون نعمتون آهن جيڪي آخرت ۾ ڪم اينديون: (1) هڪ اهي نيڪ عمل جن جو ثواب ملندو. (2) ٻيون اهي نعمتون جيڪي عبادت ۽ نيڪي تي مددگار هجن، ٻانهي کي گهرجي ته هي ئي ٻه طرح جون نعمتون اختيار ڪري، ان کان علاوه دنيا جي عيش و عشرت وغيره کان پاسيرو ٿي وڃي، ايئن ڪندو ته ان کي صفت رحمٰن جو به فيضان نصيب ٿيندو جو دنيا بهتر ٿي ويندي ۽ صفت رحيم جو به فيضان نصيب ٿيندو جو آخرت سنورجي ويندي. [1]
پيارا اسلامي ڀائرو! هي راھِ عمل آهي، الله پاڪ فرمايو:
الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْمِ ۙ(۲)
ترجموڪنزالعرفان: نهايت مهربان رحمت وارو.
هن تي عمل ڪرڻو آهي. ڪيئن ٿيندو؟ زهد اختيار ڪري، دنيا جي عيش و عشرت کان منهن موڙي، فضول خواهشن جي قرباني ڏئي ڪري، جيڪڏهن هي قرباني ڏيندؤ، دنياوي عيش و عشرت، مال و متاع جي محبت دل مان ڪڍندؤ ته ان شاءالله الڪريم! الله پاڪ جي صفت رحمٰن ۽ صفت رحيم ٻنهي جو فيضان ملندو ۽ الله پاڪ چاهيو ته ٻنهي جهانن ۾ ڪاميابي مقدر بڻبي. الله پاڪ جي