Farooq e Azam Ke Ala Ausaf

Book Name:Farooq e Azam Ke Ala Ausaf

رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي تَصدِيق ۾ هيءَ  آيتِ ڪريمه نازِل فرمائي ۽ ارشاد ٿيو: ([1])

فَاِنَّ اللّٰہَ  ہُوَ مَوۡلٰىہُ  وَ جِبۡرِیۡلُ وَ صَالِحُ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ ۚ    (پارہ28، سورۃالتحریم:4)

ترجموڪنزُالعِرفان: سو پيشڪ الله پاڻ ان جو مددگار آهي ۽ جبرائيل ۽ نيڪ ايمان وارا.

امام جلال الدين سيوطي هن آيت جي تفسير ۾ فرمايو: صَالِحُ الْمؤْمِنِیْنَ اَبُوْ بَکْرٍ وَّ عُمَرَ يعني هن آيت ۾ نيڪ مؤمن مان مراد ابو بڪر صديق ۽ عمر فاروق اعظم (رَضِىَ اللهُ عَنۡهم) آهن.([2])

عمر کافی نبی کو حَسْبُکَ اللہ سے یہ ثابت ہے                                                   ہے شاہد جن پہ قرآں حضرت فاروق اعظم ہیں

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                      صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

  (2):”فاروقِ اعظم“جي لاءِ بخشش ۽ وڏو ثواب آهي

        پيارا اسلامي ڀائرو! سيپاري: 26، سوره حُجُرات جي ٻي آيت ۾ مسلمانن کي حڪم ڏنو ويو ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي پاڪ بارگاھ ۾ جڏهن ڪجھ عرض ڪرڻو هجي ته هن ڳالھ جو خاص خيال رکيو وڃي ته ڪنهن جو به آواز هر گز محبوب نبي، رسولِ هاشمي  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي آواز مبارڪ کان بلند نه ٿئي، نه ته توهان جا عمل، توهان جون نمازون، توهان جا روزا، توهان جا حج برباد ٿي وڃڻ جو انديشو آهي۔

حديث شريف جي مشهور ڪتاب تِرمذي شريف جي روايت آهي، جڏهن اهو حڪم نازِل ٿيو ته حضرت ابو بڪر صديق، حضرت عمر فاروقِ اعظم ۽ ٻين ڪجھ صحابي سڳورن عَلَيهمُ الرِّضوَان پاڻ تي وڌيڪ احتياط لازِم ڪري ورتو،


 

 



[1]...مَطْلَعُ الْقَمَرَیْن فِی اِبَانَۃِ سَبْقَۃِ الْعُمَرَیْن، صفحہ:186بتغیر قلیل۔

[2]...تفسیر دُرّمنثور، پارہ:28، التحریم، زیرِ آیت:4، جلد:8، صفحہ:223۔