Book Name:Farooq e Azam Ke Ala Ausaf
ڪندا آهن ته ان جي شروع ۾ چئي ڇڏيندا آهن؛ اوهان سوال ڪيو، مان هر سوال جو جواب ڏئي سگهان هيءُ ضروري ناهي، جيڪڏهن ڀل چڪ ڏسو ته يڪدم منهنجي اصلاح فرمايو، مون کي پنهنجي موقف تي بلاوجھ ضد ڪندي نه بلڪه شڪريه سان رجوع ڪندڙ لهندؤ. سندن انهي اعليٰ ظرفي جي ڪري اڄ سڄي دنيا ۾ سندن لکين مريد آهن جيڪي سندن ارشادن تي دل ۽ جان سان عمل ڪندا آهن. الله پاڪ ماڻهن جي دلين ۾ سندن اهڙي محبت وجهي ڇڏي آهي جو ڪيئي ماڻهو بغير ڏسڻ جي ئي مريد بڻجي وڃن ٿا.
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به هي انداز اپنائڻ گهرجي، اصلاح جي معاملي ۾ هميشه اوپن ڊُور (Open Door Policy) پاليسي رکڻ گهرجي، يعني ڪوبه ننڍو يا وڏو اسان جي اصلاح ڪرڻ چاهي ته ان جي لاءِ دروازا کليل رکڻ گهرجن، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! هن جا ڪيئي فائدا ٿيندا، ان جي برڪت سان هڪ ته اسان جون غلطيون سڌرنديون، ڪردار سنورجندو، اصلاح ٿيندي رهندي ۽ گڏوگڏ هن انداز جي برڪت سان ماڻهن جي دلين ۾ محبت به وڌندي، عزت ۾ به اضافو ٿيندو. اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
(4) فاروق اعظم ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت
پيارا اسلامي ڀائرو! عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جو هڪ پيارو پيارو وصف هي به آهي ته پاڻ قرآن ڪريم سان تمام گهڻي محبت ڪندا هئا، قرآن ڪريم جي تلاوت وڏي ذوق ۽ شوق سان ڪندا هئا، ڪيئي ڀيرا ته تلاوت ڪندي سندن ڪيفيت بدلجي ويندي هئي ۽ پاڻ خوف خدا سبب روئڻ لڳندا هئا.
حضرت عبد الله بن شَدَّاد رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه فجر نماز پڙھي رهيا هئا، نماز ۾ سُورت يوسُف جي تِلاوت