Farooq e Azam Ke Ala Ausaf

Book Name:Farooq e Azam Ke Ala Ausaf

فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جا ڪجھ اوصاف

(1) فاروق اعظم جي دين ۾ پختگي

حديثِ پاڪ جي مشهور ڪتابن بخاري ۽ مسلم شريف ۾ حديث پاڪ آهي: هڪ ڏينهن الله پاڪ جي پياري ۽ آخري نبي، رسول هاشمي  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: مان سُتو پيو هيس، مون خواب ڏٺو؛ (خيال رهي! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جون صرف اکيون سمهنديون آهن، دل ناهي سمهندي ۽ نبين جا خواب سچا هوندا آهن، خير! پاڻ ڪريم  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  ڪهڙو خواب ڏٺو؟ فرمايائون:) مون خواب ڏٺو، مون تي ماڻهو پيش ڪيا ويا، انهن کي قميص پاتل هئي، ڪنهن جي قميص سيني تائين هئي، ڪنهن جي ان کان به گهٽ (۽ هڪ ٻيءَ روايت ۾ آهي: ڪنهن جي قميص سيني تائين هئي، ڪنهن جي دُنَ تائين، ڪنهن جي گوڏن تائين، ڪنهن جي اڌ پِنيءَ تائين[1]) پوءِ مون کي عمر فاروقِ اعظم (رَضِىَ اللهُ عَنْه) ڏيکاريا ويا، انهن جي قميص سندن پيرن کان به هيٺ هئي جو هلڻ ۾ گهلجي رهي هئي. صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم پڇيو: يا رسولَ الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  ! اوهان ان جي تعبير ڪهڙي ڪئي؟ فرمايائون: دين[2]

    يعني اهي ماڻهون جن جي قميص سيني تائين هئي، اهي ڪمزور ايمان وارا هئا، جن جي قميص دُنَ تائين هئي، پهرين کان مضبوط ايمان وارا، جن جي قميص گوڏن تائين هئي، اهي وڌيڪ ڪامل ايمان وارا، جن جي اڌ پِنيءَ تائين هئي، انهن جو ايمان پهرين کان وڌيڪ مضبوط ۽ انهن ڏيکاريل ماڻهن مان سڀني کان مضبوط ۽ ڪامل ۽ اڪمل ايمان وارا حضرت عمر فاروقِ اعظم
رَضِىَ اللهُ عَنْه هئا، جو انهن جي قميص پيرن جي هيٺ تائين گهلجي رهي هئي.

 مشهور مفسر قرآن، حڪيم الاُمّت، مفتي احمديارخان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن


 

 



[1] الصواعق المحرقۃ،باب الخامس ،فصل الرابع ،صفحہ:119،حدیث:41۔

[2] بخاری،کتاب بدء الایمان،باب  تفاضل اہل الايمان فی الاعمال ،صفحہ:76 ،حدیث:23۔