Book Name:Farooq e Azam Ke Ala Ausaf
ظاهر آهي جڏهن دين جو علم ناهي ته ان تي عمل ڪيئن ڪندو؟ اي عاشقانِ رسول! اسان کي ڊڄڻ گهرجي، الله پاڪ جي عذاب کان، ان جي پڪڙ کان ڊڄڻ گهرجي، دين جي معاملي ۾ سستي (Laziness/Heedlessness) کان ڪم وٺڻ، پاڻ گناهن ۾ پوڻ، اسان جي اکين جي سامهون دين جي مخالفت ٿي رهي هجي، ان جي پرواھ نه ڪرڻ، هي وڏي نقصانده باطني بيماري آهي، ان کي تَساهل في الله (يعني ديني معاملي ۾ سستي ڪرڻ) چوندا آهن.
افسوس هي بيماري اسان جي معاشري ۾ ڦهلجي چڪي آهي. * پٽ نماز نٿو پڙهي، والد کي ان جي بلڪل فڪر ناهي هوندي. * گهر ۾ گاناباجا وڄن ٿا. * فلمون ڏٺيون وڃن ٿيون. * لله پاڪ جي نافرماني ٿيندي آهي پر گهر جي سربراھ کي بلڪل پرواھ ناهي هوندي. هي تَسَاهُل في الله آهي ۽ تمام گهڻي نقصانده باطني (Harmful)بيماري آهي.
سرڪار مدينه قرار قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: الله پاڪ حضرت جبريل اَمين عَلَيه السَّلَام کي حڪم فرمايو ته فلاڻي شهر کي سندس رهڻ وارن سميت تباھ ڪري ڇڏ! حضرت جبريل اَمين عَلَيه السَّلَام عرض ڪيو: اي ربّ ڪريم! انهن ماڻهن ۾ تنهنجو فلاڻو نيڪ ٻانهو به آهي جنهن اک ڇنڀ جيتري به ڪڏهن تنهنجي نافرماني ناهي ڪئي. الله پاڪ فرمايو: اَقْلِبْہَا عَلَیْہِمْ فَاِنَّ وَجْہَہٗ لَمْ یَتَمَعَّرْ فِیَّ سَاعَۃً قَطُّ يعني شهر کي انهن تي اونڌو ڪري ڇڏ ڇوته منهنجي نافرمانيون ڏسي ڪري ان نيڪ شخص جو رنگ ڪڏهن تبديل نه ٿيو(يعني ان کي منهنجي نافرماني ڏسي ڪري ڪڏهن برو نه لڳو) [1]