Book Name:Farooq e Azam Ke Ala Ausaf
موبائل ۾ به مَعَاذَالله ”ميوزيڪل ٽون“ موجود آهي! ٻه شخص گھٽي ۾ گارگند ڪري رهيا آهن، برو لڳو؟ جي نه، ڇو؟ انهيءَ ڪري جو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي وات مان به مَعَاذَالله گار نڪري ئي ويندي آهي، * فلان ڪوڙ ڳالهايو، اوهان تي ناگوار گذريو؟ جي ها، انهيءَ ڪري جو منهنجو ذاتي نقصان ٿيو، باقي الله پاڪ جي رضا جي لاءِ برو ڪيئن لڳندو جو پنهنجي زبان مان به مَعَاذَالله ڪوڙ نڪري ئي ويندو آهي، هي مثال صرف چوٽ ڪرڻ جي لاءِ آهن نه ته گھڻن جي حالت هي به آهي ته پنهنجي فون ۾ ميوزيڪل ٽون ناهي، گار ۽ ڪوڙ جي عادت ناهي، پوءِ به دل ۾ برو ڄاڻڻ جو ذهن ناهي، جيڪڏهن رضاءِ الـٰهي جي لاءِ حقيقي معنيٰ ۾ برائيءَ کي دل ۾ برو ڄاڻڻ جي سوچ بڻجي وڃي، ڪڙهڻ جي عادت بڻجي وڃي ته معاشري ۾ اصلاح جو دور اچي وڃي، ڇو ته جڏهن اسان برائين کي دل سان برو سمجھڻ ۾ پاڻ پڪا ٿي وينداسين ته ٻين کي سمجھائڻ به شروع ڪنداسين ۽ اِن شآءَ الله پوءِ هر طرف سنتن جي بهار اچي ويندي . [1]
الله پاڪ اسان جي حالت تي رحم فرمائي ۽ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي صدقي اسان کي به هي سوچ ، هي فڪر، هي پيارو پيارو جذبو ملي وڃي ته اسان به ديني معاملي ۾ بلڪل ڪوتاهي نه ڪيون ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي دين ۾ ڪوتاهي ڪندي ڏسو ته يڪدم موقعي جي مناسبت سان، پياري ۽ حڪمت ڀري انداز ۾ دعوت پيش ڪندا ڪيو.
دے دُھن مجھ کو نیکی کی دعوت کی مولیٰ مچا دوں میں دھوم اُن کی سنّت کی مولیٰ
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد