Book Name:Farooq e Azam Ke Ala Ausaf
634 عيسوي يعني 53 سال جي عمر مبارڪ ۾ پاڻ مسلمانن جا ٻيان خليفه بڻيا.
پسِ صدیق اکبر مصطفےٰ کے سب صحابہ میں ہے بےشک سب سے اُونچا مرتبہ فاروقِ اعظم کا([1])
* 24 هجري بمطابق 643 عيسوي ۾مسجد نبوي شريف ۾، نمازِ فجر پڙهائيندي، هڪ ڪافر خنجر سان سندن مٿان حملو ڪيو، جنهن سان پاڻ زخمي ٿيا ۽ مدينه پاڪ ۾ شهادت ماڻي. حضرت صهيب رَضِىَ اللهُ عَنْه سندن نماز جنازه پڙهائي ۽ حضور جان ڪائنات، فخرموجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ جي پهلو مبارڪ ۾ مدفن ٿيا.[2]
حیاتی میں تو تھے ہی خدمتِ محبوبِ خالق میں مزار اب بھی ہے قریبِ مصطفےٰ فاروقِ اعظم کا
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه نيڪ مومن آهن
سُلطَانُ المُفَسِّرِين حضرت عبد الله بن عبَّاس رَضِىَ اللهُ عَنۡهما فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪنهن مُعَامَلي ۾ فِڪر مند هئا، حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! فِڪر جي ڪهڙي ڳالھ آهي، الله پاڪ اوهان سان گڏ آهي، ملائڪ اوهان سان گڏ آهن، حضرت جبرائيل، حضرت ميڪائيل عَلَيهمَا السَّلَام اوهان سان گڏ آهن، حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه اوهان سان گڏ آهي، مان به حاضِر خِدمت آهيان، تمام مسلمان اوهان سان گڏ آهن۔
حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه هن طرح جڏهن پنهنجي محبوب آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دِل جُوئي جو اهتمام ڪيو ته الله پاڪ فاروقِ اعظم