Book Name:Farooq e Azam Ke Ala Ausaf
سندن نالو مبارڪ عُمر آهي * آسمانن تي پاڻ کي فاروق جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو * آسماني ڪتاب تورات شريف ۾ سندن نالو مَنۡطِقُ الۡحَقۡ (يعني حق جي ڳالھ ڪرڻ وارو) آهي * انجيل شريف ۾ سندن اسمِ گرامي ڪافي آهي * ۽ جنّت ۾ سندن نالو مبارڪ سِراج هوندو. ([1])
پاڻ 583 عيسوي ۾، هجرت مدينه کان 4 سال پهريان مڪي شريف ۾ پيدا ٿيا، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اعلانِ نبوت جي ڇهين سال 614 عيسوي ۾ پاڻ اسلام قبول ڪيو. الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن سندن اسلام آڻڻ جي لاءِ دعا فرمائي هئي، تنهنڪري کين مرادِ رسول به چيو وڃي ٿو. ([2])
رسول اللہ نے فاروق کو اللہ سے مانگا عطاءِ رَبِّ سُبْحَاں حضرتِ فاروقِ اعظم ہیں
چُنا اس پاک نے دیں کے لئے اس پاک ستھرے کو حبیبِ دِین داراں حضرتِ فاروقِ اعظم ہیں
* حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي اسلام قبولڻ سان اسلام کي عزت ۽ غلبي ۾
اضافو ٿيو، * مسلمانن کي حوصلو مليو، حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي اسلام قبولڻ کان بعد ئي مسلمانن حرم پاڪ ۾ اعلانيه نماز
ادا ڪئي. * رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت عمرِ فاروقِ اعظم
رَضِىَ اللهُ عَنْه کي پنهنجو وزير
فرمايو، حضرت عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه رسول الله صَلَّى
اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا خصوصي مشير رهيا ([3]) * حضرت عمرِ
فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ
عَنْه سڄي زندگي حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ جن جي خدمت ڪئي. * 13 سن هجري جي مطابق