Book Name:Farooq e Azam Ke Ala Ausaf
پيارا اسلامي ڀائرو! مسلمانن جي ٻئين خليفي عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي پاڪيزه اوصاف مان هڪ نهايت پيارو وصف هي به آهي ته پاڻ نهايت اعليٰ ظرف جا مالڪ هئا. ڪوبه کين چڱي ڳالھ جي طرف توجھ ڏياريندو هيو ته پاڻ خوش به ٿيندا هئا ۽ ان کي قبول به ڪندا هئا. سندن فرمان آهي: اَحَبُّ النَّاسِ اِلَيَّ مَنْ رَّفَعَ اِلَيَّ عُيُوْبِيْ يعني منهنجي نزديڪ سڀني کان وڌيڪ پسنديده شخص اهو آهي جيڪو منهنجا عيب ٻڌائي.[1]
هڪ ڀيري هڪ عورت ڀريل مجلس ۾ سندن راءِ (Viewpoint/Opinion) کان اختلاف(Disagree) ڪيو ۽ سندن مقابلي ۾ پنهنجي راءِ ڏني، پاڻ نهايت بردباري (Tolerance/Patience)سان، غور سان سندس ڳالھ ٻڌي، پوءِ ان جي راءِ کي قبول ڪندي فرمايائون: اِمْرَاَةٌ اَصَابَتْ وَ رَجُلٌ اَخْطَاَ يعني عوت صحيح چيو ۽ هڪ مرد خطا ڪئي.[2]
اميراهلسنت سيرت فاروقي جا مظهر آهن
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! شيخ طريقت، اميراهلسنت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه سيرت فاروقي جا مظهر آهن، پاڻ پنهنجي مريدن ۽ تمام چاهڻ وارن جي سامهون پنهنجي ذات کي هڪ کُليل ڪتاب جيان رکيو آهي، پاڻ به سڀني کي هن ڳالھ جي اجازت ڏني آهي ته جيڪڏهن منهنجي ذات ۾ ڪابه شريعت جي خلاف ڳالھ ڏسو ته فوراً منهنجي اصلاح ڪيو، ايستائين جو پاڻ جڏهن مدني مذاڪرو(سوالن جوابن جو سلسلو)